نواز ليگ نيب چيئرمين جَي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جِي مخالفت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م.ڊ) نواز ليگ نيب چيئرمين جَي ملازمت واري مدي ۾ واڌ جِي مخالفت ڪري ڇڏي، شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت اپوزيشن خلاف ڪاررواين لاءِ نيب چيئرمين جِي ملازمت واري مدي ۾ واڌ چاهي ٿي، جيڪڏهن ائين ٿيو ته اسان عدالت وينداسين، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان چيو ته حڪومت پارليامينٽ کي آگاهه ڪري ته افغانستان بابت ڪهڙي پاليسي جوڙي وئي آهي، وزير اعظم اڄ تائين مهانگائي جِي ڳالهه ناهي ڪئي، رڳو چوندو آهي ته کيس جو بائيڊن ڪال نه ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *