نواز ليگ لسانيت، صوبائيت يا فرقيواريت واري سياست ناهي ڪندي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سـُڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪنهن به صوبي سان زيادتي ناهي ڪئي وئي، ن ليگ لسانيت، صوبائيت يا فرقيواريت واري سياست ناهي ڪندي، پارلياماني تجربو رکندڙن کي سينيٽ ۾ اچڻ جو حق آهي. لاهور ۾ اليڪشن ڪميشن آفيس ۾ نامزد اميدوارن سان گڏ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز رشيد چيو ته پالياماني تجربو رکندڙن کي سينيٽ جي ٽڪيٽ ڏني آهي، اهل ماڻهن جو ايوان ۾ اچڻ حق آهي.هن چيو ته ن ليگ جي اميدوارن ۾ ڪوبه پيراشوٽ ذريعي ناهي آيو، سينيٽ ۾ چئني صوبن جي نمائندگي ٿيندي  آهي. پرويز رشيد چيو ته سينيٽ چونڊن ۾ ڪنهن به صوبي جي ڪارڪن سان زيادتي ناهي ڪئي وئي، اهليت ۽ ميرٽ جي بنياد تي اميدوارن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون ويون آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ پرويز رشيد چيو ته پنجاب مان هٿ آيل سون جا ذخيرا رڳو هڪ صوبي جا نه پر پاڪستان جي ملڪيت آهن، جنهن بابت وزيراعظم نواز شريف ۽ وڏو وزير شهباز شريف به چئي چڪا آهن. چوڌري سرور ۽ بئريسٽر سلطان محمود جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت واري سوال جي جواب ۾ عمران خان حڪومتن جا مزا وٺندڙن کي پنهنجي پارٽي ۾ شامل ڪري رهيو آهي، پر تنقيد وري ن ليگ مٿان ڪندو آهي. وفاقي وزير پرويز رشيد جو چوڻ هو ته عمرا خان رڳو الزام هڻڻ ڄاڻي ٿو، جيڪي تڪ کوليا ويا آهن، انهن مان رڳو شينهن نڪتا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *