نواز ليگ بلوچستان جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته،سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جو عهدو بلوچستان کي ڏيڻ جو فيصلو ٿيو هو، نواز ليگ بلوچستان جي سڀ کان وڏي پارٽي آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته، اسان کي رياست جا معاملا ٺيڪ ڪرڻا آهن، آپريشن ضرب عضب تي سموري قوم گڏ ٿي هئي، هاڻي به سمورا  معاملا قوم کي گڏجي کڻي هلي ڪرڻ کي ترجيح ڏني پئي وڃي. هن چيو ته، حڪومتي سطح تي فيصلو ٿيو هو ته، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جو عهدو بلوچستان کي ڏيڻو آهي، حقيقت اها به آهي ته، بلوچستان جي سڀ کان وڏي پارٽي نواز ليگ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *