نواز شريف ۽ مريم نواز به گارگند برگيڊ جو حصو بڻجي ويا آهن: اعتزاز

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اعتزازاحسن چيو آهي ته نوازشريف ۽ مريم نواز به گارگند برگيڊ جو حصو بڻجي چڪا آهن جڏهن به ابتي سبتي ڳالهه ٿئي ٿي ته مريم نواز پنهنجي پيءُ تي وجهي ڇڏي ٿي اکاري تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزازاحسن چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز مسلم ليگ جي مامي چاچن تي سخت دٻاءُ وڌو آهي مسلم ليگ (ن) جو ووٽ بئنڪ نوازشريف ۽ مريم نواز سان آهي ڪجهه مامي چاچن کي ٽرڪ جي بتي تان لاهي روڊ تي اڇلايو ويو آهي شاهد خاقان عباسي انهيءَ ٽرڪ تي ٻيهر سوار ٿيڻ چاهي ٿو هن چيو ته وزيراعظم کي لڳي رهيو آهي ته کيس ڪيترن ئي معاملن تي اعتماد ۾ نه پيو ورتو وڃي وڏي ڳڻتي واري ڳالهه ته وزيراعظم به گارگند بريگيڊ جو حصو بڻجي چڪو آهي اعتزازاحسن چيو ته ڀارتي چيف جسٽس ساڳيو ئي سوال ڪيو ته ڇا ڪوئي چور پارٽي صدر بڻجي سگهي ٿو راحول گاندي يا موڌي اهو ناهي چيو ته کين چور چيو ويو مريم کي ڪيئن خيال آيو ته چور چيو وڃي ته هي ان جي والد جو ذڪر آهي لڳي ٿو ته مريم کي يقين آهي ته چور ڦورو کي پڪاريو وڃي ته ان جي والد جو نالو ورتو پيو وڃي پ پ پ جي اڳواڻ چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس به چيو ته ڇا ڪوئي چور پارٽي سربراهه بڻجي سگهي ٿو مودي ۽ راهول گاندي سميت ڪنهن به ڀارتي سياستدان ان تي احتجاج يا بيان بازي ناهي ڪئي. هن چيو ته هتي جڏهن ڪنهن چور کي للڪاريو وڃي ته کيس لڳي ٿو ته نوازشريف جو ذڪر ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *