نواز شريف ۽ آصف زرداري جي اهڙي حيثيت آهي جئين اقتدار کان هٽڻ بعد يحييٰ ۽ ايوب خان جي ٿي هئي: فواد چوڌري

لنڊن (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان ۾ سمورا ادارا فعال آهن ۽ پنهنجون ذميواريون بهتر نموني ادا ڪري رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان جي اڳواڻي ۾ حڪومت جو قيام پاڪستاني قوم جي سياسي پختگي جو مظهر آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف جو اقتدار ۾ اچڻ معاشري جي وچولي طبقي جو بدعنواني ۽ اسٽيٽس ڪو جي خلاف انقلاب آهي، سول ۽ عسڪري سمورن ادارن ۾ شاندار هم آهنگي آهي، اسان انتظار ۾ آهيون ته ڀارت ڪشمير تي پنهنجي موقف جو ٻيهر جائزو وٺي، اميد آهي ته هڪ ڏينهن پاڪستاني مسلمانن کي اجمير شريف جي درگاهه تي وڃڻ جي اجازت ملندي، خميس تي چوڌري فواد حسين انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف اسٽيٽجڪ اسٽيڊيز ۾ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان هڪ خوبصورت ملڪ آهي جنهن کي دنيا چڱي طرح سمجهي نه سگهي آهي، هن چيو ته 1980 کان تباهه ڪندڙن حالتن کي منهن ڏنو، ڪو ٻيو ملڪ اهڙين حالتن کي منهن نه ڏئي سگهي ها، هن چيو ته پاڪستان انهن سمورين چئلينجز مان نڪري آيو، مسلم ملڪ ۽ ٽين دنيا ۾ جديد ملڪ بڻجي اڳيان آيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ آزاد عدليا ۽ متحرڪ ميڊيا آهي، پاڪستان ۾ ميڊيا کي آزادي حاصل آهي، هن چيو ته ڪرتارپور بارڊر جي افتتاح سان هڪ نئين تاريخ رقم ٿي، فواد چوڌري چيو ته آمريڪا عالمي طاقت آهي، آمريڪا جي اهميت کان آگاهه آهيون، هن چيو ته وزيراعظم افغانستان ۾ امن لاءِ بهترين تجويز پيش ڪئي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت اچڻ سان پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا بهتر ٿي رهيا آهن، هن چيو ته آمريڪي صدر جو پاڪستاني وزيراعظم کي خط ۽ زلمي خليل زاد جي وزيراعظم سان ملاقات لاڳاپن ۾ بهتري جو ثبوت آهي، وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت جون پاليسيون عوام کي غربت مان ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ آهن، ان کانپوءِ سڌ سماءَ جي وفاقي جي انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز جي اعليٰ عهدارن سان ملاقات ٿي، وفاقي وزير کي انسٽيٽيوٽ جي سرشتي ۽ ورڪنگ جي حوالي سان ڄاڻ ڏني وئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *