نواز شريف ڳالھ نھ مڃي تھ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي: چوڌري نثار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير ۽ ن ليگ جي سينيئر اڳواڻ چوڌري نثار علي خان گهرو وزارت تان استعيفيٰ ڏيڻ جو سبب ٻڌائي ڇڏيو. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چوڌري نثار علي خان ميزبان طرفان مختلف سوالن جا جواب ڏنا. گهرو وزارت تان استعيفيٰ بابت هن چيو ته منهنجي استعيفيٰ جو سبب عمران خان هو، مان چاهيو پئي ته عمران خان کي آبپارا کان اڳتي نه اچڻ ڏنو وڃي پر ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف، عمران خان کي ريڊ زون اچڻ جي اجازت ڏني، جنهن تي مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. سندس چوڻ هو ته مان عمران خان ۽ طاهر القادري جي ڌرڻن خلاف رينجرز، ايف سي ۽ پوليس کي ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو، مان نه چاهيو ته اهي بئي آبپارا کان هڪ انچ به اڳتي اچن. چوڌري نثار موجب ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف منهنجي مرضي خلاف ڌرڻي وارن کي ريڊ زون اچڻ جي اجازت ڏني، جنهن تي مان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. واضح رهي ته استعيفيٰ کانپوءِ چوڌري نثار ن ليگ کان پري ٿي ويو هو ۽ 2018 جي عام چونڊن ۾ به هن آزاد اميدوار جي حيثيت سان حصو ورتو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *