نواز شريف کي 4 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي مشروط اجازت ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي نواز شريف کي ساڍا 7 ارب جا بانڊز جمع ڪرائڻ جي صورت ۾ نواز شريف کي/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01

4 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي مشروط اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ذيلي ڪميٽي ۾ ٻن ڏينهن تائين صلاح مشورن کانپوءِ ڪميٽي جي سربراهه ۽ وفاقي وزير فروغ نسيم پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن دوران شهزاد اڪبر به ساڻس گڏ هو. فروغ نسيم اعلان ڪيو ته حڪومت نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ لاءِ 4 هفتن تائين هڪ ڀيرو مشروط اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، چئن هفتن ۾ جيڪڏهن نواز شريف جي طبيعت ٺيڪ ٿئي ٿي ته ڏيهه واپس ايندو ۽ جيڪڏهن سندس طبيعت بهتر نه ٿي ته واڌ لاءِ ٻيهر حڪومت سان رابطو ڪيو ويندو. پريس ڪانفرنس دوران وفاقي وزير چيو ته جيڪڏهن شهباز شريف 7 يا ساڍا 7 ارب رُپين جا ضمانتي بانڊ جمع ڪرائڻ لاءِ تيار آهي ته طبي بُنيادن تي نواز شريف جو اي سي ايل مان نالو چئن هفتن لاءِ ڪڍيو ويندو. حڪومت پنهنجو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ اجازت نامو به جاري ڪيو ويندو، هاڻي نواز ليگ تي آهي ته معاملي کي ڪيئن اڳتي کڻي هلي سگهي ٿي. .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *