نواز شريف کي جيل ۾ پرهيز جو کاڌو نه ڏيڻ عمران نيازي جي قاتل ذهنيت جو ثبوت آهي، سمورن ظلمن جو حساب ورتو ويندو: شهباز شريف

اسلام آباد (اين اين آءِ) ن ليگ جي صدر شهباز شريف آءِ ايم ايف رپورٽ تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته رپورٽ نيازي حڪومت جي پارليامينٽ ۽ قوم سان ڳالهايل ڪوڙ جو پول پڌرو ڪري ڇڏيو آهي، هڪ بيان ۾ هن چيو ته حڪومت پارليامينٽ ۾ ڪوڙ ڳالهايو ته 5 سئو ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳايا، آءِ ايم ايف ٻڌايو ته 750 ارب جا نوان ٽيڪس لڳايا ويا آهن، هن چيو ته فاسٽس حڪومت 16 سئو ارب رپين جو رڪارڊ ٽيڪس جو بار عوام تي سٿي رهي آهي، هن چيو ته 9 سئو ارب رپين جي واڌو ٽيڪس پگهاردار ۽ ڪاروباري ماڻهن کان ورتي ويندي جيڪا معاشي دهشتگردي آهي، هن چيو ته نون ٽيڪسن سان پراپرٽي ٽيڪس جو بار 45 ارب وڌي ويندو، هن چيو ته نوان گهر ته نه ٺهندا، ماڻهو پنهنجا گهر کپائڻ تي مجبور ٿي پوندا، ڪهڙي منهن سان سليڪٽيڊ وزيراعظم چوي ٿو ته 50 لک گهر ٺاهينداسين، سيمينٽ لوهه، زمين، پيٽرول ڊيزل ۽ کاڌ خوراڪ جي قيمتن ۾ پهريائين هوش اڏائيندڙ واڌ ٿي چڪي آهي، حڪومت ٻرندي تي تيل وجهي رهي آهي، هن چيو ته سليڪٽيڊ وزيراعظم ٽيڪس گفٽ جو فيصلو ڪرڻ وڃي رهيو آهي، جهانگير ترين کيس لينڊ ڪروزر جو جيڪو تحفو ڏنو آهي ڇا هو ان تي ٽيڪس ڏيندو، هن چيو ته حڪومت اهي هدف حاصل نه ڪري سگهندي، ويتر ڪاروبار کي وڌيڪ تباهه ڪري ڇڏيندي، هن چيو ته هي تباهي جو نئون نسخو آهي، ماڻهو آپگهات ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا، ڇو ته ان سان کاڌي پيتي جون شيون مهانگيون ٿي وينديون ۽ ماڻهو پنهنجن ٻچن جو پيٽ پالي نه سگهندا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *