نواز شريف کي باقي صوبن جيان سنڌ به عزيز آهي، هو سڄي پاڪستان جو وزيراعظم آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءَ واري مملڪتي وزير مريم اڳورنگزيب چيو آهي ته پانامه ڪيس جو فيصلو سپريم ڪورٽ تي ڇڏيو وڃي جيڪو به فيصلو اچي سڀني کي قبول ڪرڻو پوندو سياست ۽ ڪارڪردگي گڏ آهن انهن کي الڳ نٿو ڪري سگهجي وزيراعظم جي قيادت ۾ ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم هلندڙ آهي وزيراعظم سمورن منصوبن جي پڄاڻي چاهي ٿو ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته محمد نوازشريف ملڪ جو ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم آهي وزيراعظم کي ٻين صوبن وانگر سنڌ به پياري آهي هن چيو ته حڪومت دهشتگردي جي خاتمي اقتصادي ترقي تعليم ۽ صحت لاءِ تاريخي ڪم ڪيا آهن پنجاب جو وڏو وزير صوبي جي ترقي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جو عزم وزيراعظم جي قيادت ۾ ماڻهن جي خدمت ڪرڻ آهي هن چيو ته پانامه ڪيس جو فيصلو سپريم ڪورٽ تي ڇڏيو وڇي جيڪو به فيصلو اچي سڀني کي قبول ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *