نواز شريف چارٽر آف ڊيموڪريسي تي هلي ها ته گهر نه وڃي ها: خورشيد شاهه

قصور (ويب ڊيسڪ) مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته نواز شريف کي مخالف ڌر جي صلاح تي عمل ڪرڻ گهرجي ها، ميان صاحب چارٽر آف ڊيموڪريسي تي هلي ها ته گهر نه وڃي ها. صحافين سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته ن ليگ کي سپريم ڪورٽ جو فيصلو تسليم ڪرڻ گهرجي، ڇو ته عدالت ڪڏهن به سازشن تي ٻڌل فيصلا ناهي ڪندي، ماضي ۾ به اهڙا فيصلا ايندا رهيا آهن، جيڪي سڀني قبول ڪيا آهن. نواز شريف الائي ڇو عوام جو سهارو وٺڻ ڇو چاهي؟ هن چيو ته اڄ نواز شريف مڃي ٿو ته ذوالفقار ڀٽو درست چوندو هو طاقت جو سرچشمو عوام آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *