نواز شريف پهرين عدالتن کي آزاد ڪرايو هو، هاڻ پاڪستان ۾ عدم بحال ڪرائيندو: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزي مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي. قومي اسيمبلي ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي سندس چوڻ هو ته وزير اعظم کي اقامي تي گهر موڪليو وڃي ۽ چونڊيل وزير اعظم گاڊ فادر ۽ سسلين مافيا چيو وڃي ته اهو عوام جي راءِ جي خلاف آهي. مريم اورنگزيب چيو ته فيصلي تي تنقيد ان جو ۽ نواز شريف جو حق آهي جڏهن ته اهو مسلم ليگ ن جو مقدمو ناهي ۽ اسان کي انفرادي سوچ کان ٻاهر نڪرڻو پوندو. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ۽ شيخ رشيد جا نالا کڻڻ کان سواءِ مٿن تنقيد ڪندي هن چيو ته پارليامينٽ تي لعنت موڪلڻ وارن کي هن ايوان ۾ نه هئڻ گهرجي. مريم اورنگزيب چيو ته سمورن ادارن کي آئيني حدن ۾ رهڻ گهرجي، مخالف ڌر جي اڳواڻ صحيح چيو هو ته اسان کان غلطيون ٿيون. هن وڌيڪ چيو ته سياستدانن  تي مينهن چوري جا چرچا ٿيا ته غلطي تڏهن به ٿي جڏهن ڀٽي جي ڦاهي مٺايون ورهايون ويون تڏهن به غلطي ٿي ۽ آمر جي آئين تي حلف ورتو ويو غلطي تڏهن به ٿي پر ڇا انهن غلطين مان سکي اڳتي نه وڌڻ گهرجي، نواز شريف پهرين عدالتن کي آزاد ڪرايو هو، هاڻ پاڪستان ۾ عدم بحال ڪرائيندو. تفصيل موجب سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي عوام جو آواز ٻڌو وڃي. نواز شريف پهرين عدالتن کي آزاد ڪرايو هو، هاڻ نواز شريف پاڪستان ۾ عدل بحال ڪرائيندو.  سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پارليمان جي عزت ڪرڻ سمورين سياسي پارٽين جو فرض آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *