نواز شريف پنجاب بجاءِ ملڪ جي ٻين صوبن کي به گڏ کڻي هلي: يوسف رضا گيلاني

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني وزيراعظم نواز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته هو صرف پنجاب کي گڏ کڻي هلڻ بجاءِ ملڪ جي ٻين صبن کي به گڏ کڻي هلي ۽ انهن جا مسئلا حل ڪري ته جيئن اهو ثابت ٿي سگهي ته هو صرف پنجاب جو نه پر پوري ملڪ جو وزيراعظم آهي اڄ ڪراچي ۾ ميڊياسان ڳالهائيندي هن ٿر جي صورتحال تي تبصرو ڪندي چيو ته ٿر جو مسئلو صرف سنڌ حڪومت جو مسئلو ناه پر هي وفاق جو به مسئلو آهي ۽ وفاق کي گهرجي ته هو ان مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ ساٿ ڏئي هڪ سوال جي جواب ۾ هن جو چوڻ هو ته عمران خان ڌرڻن جي سياست ڇڏي پارليامينٽ جي سياست ڪري ۽ جيڪو ڪجهه چوڻو ۽ ڪرڻو آهي اهو ڌرڻن بجاءِ پارليامينٽ ۾ چئي ۽ ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *