نواز شريف وٽ استعيفيٰ ڏيڻ کانسواءِ ڪو رستو ناهي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم کي پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ بعد ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏڻ گهربي هئي، جڏهن ته هاڻي ان وٽ استعيفيٰ ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ڪونهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته پاناما ڪيس ۾ انصاف جي راهه ۾ رنڊڪون وجهڻ جي پوري ڪوشش ڪئي وئي ۽ شريف خاندان پنهنجي چوري لڪائڻ لاءِ ادارن کان غلط ڪم ڪرايا پر اهي سموريون شيون اڄ قوم جي سامهون اچي چڪيون آهن ۽ اسان جا جيڪي خدشا هيا اهي سچ ثابت ٿي ويا، عمران خان چيو ته مئچ ختم ٿي ويو آهي، ڏسڻو آهي ته ڪهڙي ڏينهن وزيراعظم هائوس خالي ڪن ٿا، سموريون شيون سامهون اينديون ۽ هاڻي خبر پوندي ته انهن 30 سالن اندر ملڪ کي ڪيترو لٽيو، عمران خان چيو ته نيون نيون شيون سامهون اچي رهيون آهن، اڄ ثابت ٿي ويو ته مريم نواز لنڊن فليٽس جي اصل مالڪ آهي ۽ قطري شهزادي جو خط فراڊ هيو، جڏهن ته نواز شريف دبئي جي ڪمپني جو چيئرمين به نڪري آيو، هاڻي رستن تي تحريڪ انصاف جي ضرورت نه رهندي پر رستن تي جشن ملهائينداسين، پي ٽي آءِ چيئرمين مطالبو ڪيو ته شريف فيملي جا نالا اي سي ايل ۾ وڌا وڃن، انهن تي اربين رپين جي ڪرپشن آهي، جڏهن ته نواز شريف قوم جو جوابدار آهي، وڏا ۽ ننڍا سمورا گاڊ فادرز استعيفيٰ ڏين، عمران خان جو چوڻ هو ته حڪوم جي ڪرپشن خلاف مخالف ڌر اڳواڻ جو ڪردار ادا ڪري رهيو هيس پر مون کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جي ڪوسش ڪئي وئي، جڏهن ته اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق نواز شريف جو ريفرنس سپريم ڪورٽ اماڻڻ بدران منهنجو ريفرنس اماڻي ڇڏيو، ان کي به عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *