نواز شريف وٽ استعيفيٰ ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي: شيخ رشيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) عوامي مسلم ليگ جي سربراه شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم کي ڄمي رهڻ جو مشورو ڏيڻ نواز شريف جي سياسي قبر کوٽڻ آهي، سپريم ڪورٽ جي ٻاهران پاناما جي آءِ ٽي ڪيس جي ٽين ٻڌڻي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته خواجه حارث تسليم ڪيو ته وزيراعظم دبئي جو ايغامون ورتو آهي، شيخ رشيد چيو ته خواجه حارث جي ان دليل کانپوءِ گيم اوور ٿي وئي آهي ۽ هاڻ عدالت کان ٻاهران گوڙ ختم ڪيو وڃي، هن چيو ته ٻڌڻي ۾ به ججن چيو ته مني ٽريل آهي ته کڻي اچو، هن الزام لاڳو ڪيو ته جي آءِ ٽي کي گاريون ڏيندڙ سپريم ڪورٽ کي گاريون ڏئي رهيا آهن، هن چيو ته وزيراعظم وٽ استعيفيٰ کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن نه آهي، نواز شريف صاحب ڄمي رهڻ جون ڳالهيون ڇڏي ڏيو، توهان نااهل به ٿيندو ۽ جيل به ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *