نواز شريف هاڻي به آسمان تي گجگوڙ ڪندڙ ۽ ڪڙڪندڙ وڄ ۾ ڦاٿل آهي: شيخ رشيد

لاهور (بيورو) پاڪستان عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته مان نواز شريف جو مقدر ته تبديل نه ٿو ڪري سگهان پر هو هاڻي به آسمان تي گجگوڙ ڪندڙ ۽ ڪڙڪندڙ وڄ ۾ ڦاٿل آهي ۽ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. جڊيشل ڪميشن کي غير سنجيدگيءَ سان نه ورتو وڃي هي نيون چونڊون ڪرائي سگهي ٿو ۽ سڀ کان اڳ جيڪو شخص ڊي سيٽ ٿيندو اهو اسپيڪر قومي اسيمبلي هوندو. پهريون ڀيرو چونڊيل اسيمبلين ۾ واپسي لاءِ بيتاب هئا جيتري قدر عمران خا جو تعلق آهي اهو ان لاءِ تيار نه هو. هڪ انٽرويو ۾ شيخ رشيد چيو ته پارليامينٽ ۾ جيڪو عمران خان سان ڪيو ويو هو افسوسناڪ آهي ڇو ته ان جو ماسٽر مائينڊ نواز شريف آهي ڇو ته نواز شريف ۽ خواجا آصف وزيراعظم هائوس مان گڏ ايوان ۾ پهتا. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته پارٽي جي سربراهه جي موجودگي ۾ هڪ ميمبر يا وزير اهڙي قسم جي ڳالهه ڪري. هن چيو ته مان اسپيڪر جي عهدي جو وڏو احترام ڪيان ٿو پر مون کي مجبور ڪيو پيو وڃي ته مان اسپيڪر ڊائيس آڏو ڌرڻو هڻان. جيڪڏهن مون کي نه ڳالهائڻ ڏنو ويندو ته پوءِ ڇا وزيراعظم ايوان ۾ ڳالهائي سگهندو ۽ منهنجو آواز پهريان تيز آهي ۽ مان ته پوءِ ننڊ به ايوان ۾ ئي ڪندس، هن چيو ته جيڪڏهن عمران خان پنهنجو ڪيس صحيح نموني سان وڙهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته سڀني کي خبر پئجي ويندي. هن چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر مون سان ٻن سالن کان غلط ورتاءُ ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مان بد دعا نه پيو ڏيان پر سڀ کان اڳ جيڪو شخص ڊي سيٽ ٿيندو اهو اياز صادق هوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *