
لاهور(م.ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪي پيو. لاهور ۾ پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو جي صدارت هيٺ ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزير اعظم نواز شريف ٽن سالن ۾ 80 کرب رپين جي قرض جو بار وڌو آهي. اسٽيٽ بينڪ جي رپورٽ اکيون کولڻ لاءِ ڪافي آهي.