نواز شريف ملڪ کي ايٽمي طاقت بڻائڻ جو ڏوهه ڪيو، گواهه آهيون هن ڪرپشن ناهي ڪئي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد  (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ ن جو شاهد خاقان عباسي 221 ووٽ کڻي وزيراعظم چونڊجي ويو، اڱاري تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ وزيراعظم لاءِ ن ليگ جي نامزد اميدوار شاهد خاقان عباسي 221 ووٽ کڻي وزيراعظم چونڊجي ويو، پ پ اميدوار سيد نويد قمر 47 ووٽ حاصل ڪيا، تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ جي اميدوار شيخ رشيد 33 ووٽ حاصل ڪيا، جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران خان ووٽ ڏيڻ لاءِ ايوان ۾ نه آيو، جماعت اسلامي جي اميدوار صاحبزادي طارق الله 4 ووٽ حاصل ڪيا، عوامي پارٽي جي ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو، اي اين پي جي قومي اسيمبلي ميمبر ۽ اڳوڻي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير امير حيدر هوتي غير حاضر رهيو. ن ليگ جي اميدوار شاهد خاقان عباسي کي جي يو آءِ ف، پختونخواهه ملي عوامي پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم جي حمايت حاصل هئي. نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت، اپوزيشن، فوج ۽ عدليا سڀ هڪ ٻيڙي ۾ سوار آهن، ٻيڙي ۾ سوراخ ٿيو ته سڀ ٻڏي ويندا، اسان کي آئين موجب هلڻو آهي، 45 ڏينهن ۾ 45 مهينن جو ڪم ڪندس، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي دل سان قبول ڪيو پر پاڪستان جي عوام قبول نه ڪيو، ڪو به قانوني ماهر اهڙو نه آهي جيڪو ان فيصلي کي مڃي سگهي، نواز شريف ڪڏهن به ڪرپشن نه ڪئي، هڪ ڀيرو ٻيهر هو وزيراعظم بڻجندو، هڪ ٻي عدالت به لڳندي جيڪا ان عدالت کان وڏي هوندي اتي ڪا به جي آءِ ٽي نه هوندي، اڱاري تي قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي پارٽي جا ٿورا مڃيندي چيو ته مان عوام جي وزيراعظم نواز شريف جو ٿورائتو آهيان جنهن پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان به ٿورا مڃيا جيڪو روز اسان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندو آهي ۽ گاريون ڏيندو آهي،هن چيو ته اسان به اپوزيشن وارو ڪم ڪري سگهون ٿا پر اسان جي تربيت اهڙي نه آهي، اسان جي قائد جو حڪم آهي ته گار جو جواب نرمي سان ڏنو وڃي. شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي دل سان قبول ڪيو، هن چيو ته وزيراعظم جي ڪرسي سياست جي ميراس سمجهي ويندي آهي، هي اها سيٽ آهي جنهن تي لياقت علي خان، ڀٽو، بينظير ۽ نواز شريف ويٺا، هن چيو ته اها مسلم ليگ ن ئي آهي جيڪا سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پارٽي ۾ ڪنهن شخص نه چيو ته هوان ڪرسي تائين پهچڻ چاهي ٿو، پارٽي قيادت جنهن شخص کي چونڊيو اڄ اهو هتي بيٺو آهي، وزيراعظم چيو ته مان ملڪ جو وزيراعظم آهيان ۽ سيٽ جي بار جي خبر آهي، ڪم ڪرڻ آيو آهيان، سيٽ گرم ڪرڻ نه، وزيراعظم چيو ته اڄ هن ايوان جو سڀ کان وڏو ڪم اهو آهي ته ايوان پنهنجي عزت ۽ تقدس کي بحال ڪري، اسان کي آئين موجب هلڻو آهي، هن چيو ته اسان گواهه هونداسين ته نواز شريف ڪڏهن به ڪرپشن نه ڪئي آهي، وزيراعظم چيو ته 30 سالن کان پارٽي سان گڏ آهيان، پنڊي مان اليڪشن وڙهندڙ شيخ رشيد به مون کان وڌيڪ نواز شريف جي ويجهو رهيو آهي، اهو به ان جي حق ۾ گواهي ڏيندو ته نواز شريف ڪرپشن نه ڪئي آهي، هن چيو ته پارليامينٽرين جي ٽيڪس ڊائريڪٽري تڪليف ٿئي ٿي،  ٽيڪس ڏيڻ قانوني ذميواري آهي جيڪي ٽيڪس نٿا ڏين انهن کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. هن چيو ته جيڪي ماڻهو بل ادا نه ڪندا اتي لوڊشيڊنگ ٿيندي، سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *