نواز شريف مريم لاءِ اين آر او ڳولي رهيو آهي، مارچ کان اڳ چورن ۽ ڦورن تي ٻهارو ڦري ويندو: شيخ رشيد

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ )  ريلوي واري وزير شيخ ڙسيد دعويٰ ڪئي آهي ته نواز شريف مريم لاءِ اين آر او ڳولي رهيو آهي،  آصف زرداري کي بلاول لاءِ اين آر او ۾ ڪابه دلچسپي ناهي.  راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته مارچ کان اڳ چورن ۽ ڦورن تي ٻهارو ڦري ويندو، هي ڦورو هاڻي بچي ويا ته ملڪ کي الله ئي بچائي سگهي ٿو. هن چيو ته  قومي ناڻي کي ڦُريندڙ قومي غدار آهن، ملڪ کي اصل مسئلو معيشت جو آهي، اڄ معاشي مسئلن جو سبب اهو آهي ته ملڪ ۾ سياست جي نالي تي بگهڙ اچي ويا هئا، ڪارين رڍن ملڪ کي ڦريو ۽ هاڻي پاڻ کي معزز سمجهي رهيا آهن، انهن وٽ هاڻي به پروٽوڪول هوندو، پاڪستان ۾ چورن کي عزت ملي رهي آهي، جن قرباني ڏني تن وٽ روزگار، ڇت ۽ صحت سميت ڪجهه ناهي. سندس چوڻ هو ته ماڻهن کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪير چور ڪير چوڪيدار آهي، قوم عمران خان کي ووٽ ان ڪري ڏنو آهي ته هو چورن کي چٿي ڇڏي، جيلن ۾ بي گناهه ماڻهو آهن، اصل جوابدار پروٽوڪول لاءِ ڦري رهيا آهن، ماڻهو چاهين ٿا ته اصل ڏوهاري پنهنجي انجام کي پهچن. شيخ رشيد چيو ته ڪئمرا مين تي تشدد جو ڪيس نواز شريف تي داخل ڪيو وڃي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *