نواز شريف لاءِ اسان گو نواز گو نه ٿا چئون پر ھو پنھنجين پاليسين جي ڪري پاڻ گھر ڀيڙو ٿيندو: خورشيد شاهه

نوشھروفيروز (نمائندو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاھ نوشھروفيروز ۾ ڀرٽ ھائوس تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته وزير اعظم نواز شريف وارو پناما  ليڪ اسڪينڊل عالمي ميڊيا اٿاريو آھي نه ڪي اپوزيشن اٿاريو آھي. وزير اعظم نواز شريف چيف جسٽس پاڪستان جي سربراھي ۾ ڪميشن جوڙي جنھن لاءِ شعيب سڊل جون پڻ خدمتون وٺي سگھجن ٿيون ھن چيو ته  ايف آءِ اي ۽ نيب وزير داخلا جي ماتحت ادارا آھن ۽ عالمي سطع تي آيل ھن اسڪينڊل سندن پت کي به وائکو ڪري ڇڏيو آھي ۽ اھي ٻئي ادارا ھاڻي ڇو خاموش آھن.ھن چيو ته وزير اعظم نواز شريف قوم کي خطاب ڪندي پٽن جي ملڪيت ٻاھر ھجڻ جو اعتراف ڪيو آھي  ھن جي پٽ حسين نواز چيو آھي ته اھا دولت اسان ڏکئي وقت لاءِ ٻاھر رکي آھي اھو پيسو ڪٿان ۽ ڪيئن آيو نواز شريف  پاڻ دنيا جي واپارين ۽ پاڪستانين کي پنھنجي دولت پاڪستان ۾ آڻي سيڙپ ڪرڻ لاءِ منٿون ڪندو آھي ۽ پنھنجي دولت ٻاھر رکي ويٺو آھي ھن چيو ته نواز شريف لاءِ اسان گو نواز گو نه ٿا چئون پر ھو پنھنجين پاليسين جي ڪري پاڻ گھر ڀيڙو ٿيندو.ھن چيو ته ذاتي وضاحت لاءِ لائيو پاڪستان کي خطاب ڪيو مونکي ۽ عمران خان کي به لائيو قوم کي ڏيکارڻ کپي ھا. سنڌ ۾ بارداڻي جي کوٽ بابت ھن چيو ته سنڌ جي ننڍن ھارين ۽ آبادگارن کي ڪڻڪ جي سرڪاري قيمت ملڻ گھرجي انلاءِ وزير خوراڪ کي پان تحرڪ وٺڻ گھرجي ھن چيو ته ٻين صوبن ۾ حڪومتون پنھنجن ڪمن جي تشريح بھتر انداز م ڪنديون آھن پر سنڌ حڪومت پنھنجن ڪمن جي تسلي بخش تشريح نه ڪري سگھي آھي ان موقعي تي اڳوڻو صوبائي وزير ۽ پيپلز پارٽي جو ضلعي صدر عبدالحق ڀرٽ سميت ٻيا موجود ھئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *