نواز شريف شهباز شريف جي خوف سبب سعودي عرب ويو آهي: چوڌري اعتزاز احسن

لاهور (اين اين آءِ) پ پ پ جو مرڪزي اڳواڻ اعتزازاحسن چيو آهي ته نوازشريف کي سعودي عرب ناهي گهرايو پر هو شهبازشريف جي خوف سان ويو آهي طاهرالقادري سان سياسي اتحاد ناهي ڪيو قيادت شهيدن سان ايڪي اتحاد جي اظهار لاءِ ملاقات ڪئي لاهور صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته شريف ڀائرن پاڻ ۾ ڏند چڪ هلي رهي آهي شهبازشريف چوي ٿو ته مون کي وزيراعطم بڻايو وڇي جڏهن ته ووٽ نوازشريف ۽ مريم نواز سان آهي ۽ شهبازشريف سان نهآهي شهباز شريف هٿ پير هڻي رهيو آهي ته ڪو ان کي وزيراعظم بڻائي هن چيو ته نوازشريف کي سعودي عرب ناهي گهرايو سعودي جيڪڏهن گهرائيندو آهي ته جهاز اماڻيندو آهي نواز ڪمرشل فلائٽ ۾ ويو جڏهن ته شهبازشريف خاص جهاز تي ويو آهي انهن ڪوشش ڪئي ته اهو تاثر ڏنو وڃي ته مان سعودي عرب وارن جو منظور نظر آهيان پر شهبازشريف اتان ٽيليفون ڪيو ته مان اعليٰ شخصيتن سان ملاقات ڪري رهيو آهيان هن چيو ته هاڻي سعودي عرب وارا شريف خاندان لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهندا ڏڻو هي آهي ته شريف ڀائر سعودي عرب ۾ ڇا ڪري رهيا آهن پ پ پ جي مستقبل جي حوالي سان هن چيو ته هو پ پ پ مستقبل بهتر ڏسي رهيو آهي سمورين پارٽين ۾ ڏڦيڙ آهي پ پ پ ۾ ڪوبه ڏڦيڙ نه آهي پ پ پ بلاول ڀٽو جي قيادت ۾ بهتر ڪم ڪندي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *