نواز شريف سيالڪوٽ ۾ ويهي لائن آف ڪنٽرول تي ڳالهه ئي نه ڪئي: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ن ليگ کي پرواهه ئي ناهي ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، نواز شريف سيالڪوٽ ۾ ويهي لائن آف ڪنٽرول تي ڳالهه ئي نه ڪئي، خطاب ۾ نواز شريف ايل او سي تي ٿيندڙ شهادتن تي ڳالهه ئي نه ڪئي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته ڪابينا نواز شريف جي ڪرپشن لڪائڻ کانسواءِ ڪجهه نه ڪري رهي آهي، شريف فيملي تسليم ڪيو ته انهن جي ملڪيت آهي، وڏن پروجيڪٽن سان شريف خاندان کي وڏو فائدو پهتو آهي، وڏن پروجيڪٽن مان پئسا ڪڍي ٻاهر اماڻيندا رهندا آهن، هن چيو ته سپريم ڪورٽ انهن کي پنج موقعا صفائي لاءِ ڏنا، نواز شريف اڄ چئي رهيو آهي ته منهنجو ڏوهه ڪهڙو آهي، جي آءِ ٽي جي رپورٽ بعد خبر پئي ته نواز شريف جو بزنس ئي ڪرپشن آهي، عمران خان چيو ته مان اڃا به نواز شريف کي چوان ٿو، اوهان وٽ وقت آهي، استعيفيٰ ڏئي ڇڏيو، انهن ڪمپنيون بڻايون ۽ فرنٽ مين رکيل آهن، ايف بي آر دستاويز نه ڏنا، ڏسون ٿا ته هاڻي ان ۾ ڇا پيش ٿئي ٿو، بئنڪن مان انهن قرض ورتا، هي ته اليڪشن ئي نه وڙهي سگهندا هئا، لنڊن ۾ ته انهن جون ڏهه ڪمپنيون نڪري آيون، جيڪي سڀ خساري ۾ هيون، وڪيل برادري سمجهي ٿي ته وزيراعظم کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، چونڊ سڌارا ڪميٽي مان اڄ اسان جي نمائندن واڪ آئوٽ ڪيو، اليڪشن ڪميشن کي نئين سر جوڙيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *