نواز شريف خلاف فيصلو ڏيندڙ جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪيندل تي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ملازمت تان برطرف

لاهور (م.ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف فيصلو ڏيندڙ احتساب عدالت جو جج ارشد ملڪ وڊيو اسڪيندل تي جاچ مڪمل ٿيڻ بعد ملازمت تان برطرف، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس انتظامي/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 01

 ڪميٽي جي فيصلي بعد جج ارشد ملڪ کي برطرف ڪري ڇڏيو، انتظامي ڪميٽي جي اجلاس ۾ 7 سينيئر ججز جسٽس محمد امير ڀٽي، جسٽس شهزاد احمد خان، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس بار علي نجفي شرڪت ڪئي، جج ارشد ملڪ 2018 ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي هئي، قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف وڊيو اسڪيندل ۾ جج ارشد ملڪ کي هٽائڻ واري فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته ثابت ٿي ويو ته نواز شريف خلاف فيصلو سچ تي ٻڌل نه هو، انصاف جي تقاضا آهي ته نواز شريف جي سزا فوري طور ختم ڪئي وڃي.


Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *