نواز شريف خطرناڪ راند پيو کيڏي، فوج کي به گرفتاري جو حڪم ملي سگهي ٿو: خورشيد شاهه

اسلام آباد (اين اين آءِ)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شآهه چيو آهي ته نوازشريف تمام خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، نيب پاران طلب ڪرڻ باوجود نوازشريف ۽ انجو خاندان پيش نه ٿي رهيو آهي، پيش نه ٿيڻ جو سلسلو جاري رهيو ته نيب گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪندي، عدالت فوج کي شريف خاندان جي گرفتاري جو حڪم ڏئي سگھي ٿي. قومي اسيمبلي ۾ آپوزيشن اڳواڻ چيو ته عدالت وٽ آرٽيڪل 190 نافض ڪرڻ جو اختيار آهي. جيڪڏهن اهو نافض ٿيو ته تمام خطرناڪ  هوندو. آپوزيشن ليڊر نوازشريف کي عدالتن ۾ پيش  ٿيڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته پاڪستان جو آئين ۽ قانون سڀني جي لاءِ بربر آهي، پ پ پ ليڊرشپ عدالتن جي اڳيان پيش ٿيندي رهي آهي. نوازشريف تمام خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي. ڊان ليڪس ۽ ماڊل ٽائون واقعي جي رپورٽ ٻئي سامهون اچڻ گھرجن. هن چيو ته پنجاب هائوس مان چوڌري نثار جي پريس ڪانفرنس جي اهميت هوندي جڏهن ته چوڌري نثار علي خان آسٽريليا جي طوطي وانگر صرف پنهنجي باري ۾ ڳالهائيندو رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *