نواز شريف جي وزيراعظم کي بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳائڻ جي هدايت

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ)  اڳوڻي وزيراعظم محمد نوازشريف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳائڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي ميڊيا رپورٽ مطابق اسلام آباد ۾ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نوازشريف جي صدارت هيٺ راولپنڊي ڊويزن جي پارٽي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي مريم نواز پرويز رشيد قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر سينيتر ميئرز پارٽي جا ضلعي صدر شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نوازشريف سان ڌار ملاقات به ڪئي ٻنهي اڳواڻ ملڪ جي جملي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون (ن) ليگ جي پارٽي معاملن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي نوازشريف وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي بجيٽ ۾ ڪوبه نئون ٽيڪس نه لڳائڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ جي هدايت ڪئي وزيراعظم چيو ته بجيٽ ٽيڪس فري هوندي ۽ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏنل آهي. ٻئي طرف  وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته حڪومت کي برابر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي رهي آهي، ڇوڪرين لاءِ آءِ سي ٽي کي ڊجيٽل اسڪلز پروگرام سان ضم ڪيو ويندو، روزگار فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي گهراڻن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ملڪ جي ڏوارنهين علائقن ۾ براڊ بينڊ رابطي سان روزگار جا نوان موقعا ٿيندا، ماڻهن کي سهولتون ملنديون، هو خميس تي وزيراعظم آفيس ۾ وزارت انفارميشن ٽيڪنالاجي اينڊ ٽيليڪميونيڪشن جي احتمام هيٺ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ جي تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪرين جي اعزاز ۾ ڪوٺايل هڪ تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم چيو ته هو سمجهي ٿو ته جيڪڏهن پاڪستاني عورتن کي هڪجيترا موقعا فراهم ڪيا وڃن ته اهي پنهنجون صلاحيتون بهتر نموني ادا ڪري سگهنديون، هن سڄي ملڪ مان ڇوڪرين کي ڪمپيوٽر تعليم جي عملي سکيا فراهم ڪرڻ لاءِ منصوبي کي ساراهيو جنهن سان کين اقتصادي طور تي مضبوط ٿيڻ ۾ مدد ملندي، هن چيو ته هن پروگرام سان 30 هزار عورتن کي ڊجيٽيل مهارت کان ڄاڻ فراهم ڪندو جيڪو پاڪستان بيت المال جو حصو آهي ۽ آءِ سي ٽِي اسڪول پروگرام مان هڪ لک 10 هزار ڇوڪريون فائدو حاصل ڪنديون، هن ملڪ جي ڏورانهن علائقن ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي وزارت جي پهچ جي حوالي سان ڪردار کي ساراهيو، هن چيو ته ٻارڙين لاءِ آءِ سي ٽي کي ڊجيٽيل اسڪلز پروگرام سان ضم ڪيو ويندو، هن عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ هن اهم پروگرام کي ساراهيو. ان موقعي تي انوشا رحمان چيو ته هي پروگرام ڇوڪرين کي ڪمپيوٽر مهارت کان ڄاڻ فراهم ڪندو جنهن جي نتيجي ۾ اهي مختلف روزگار حاصل ڪري سگهنديون، هن چيو ته ڇوڪرين ملڪ ۾ قائم 144 مرڪزن ۾ ڪوڊنگ، ڪمپيوٽنگ ۽ ڪوچنگ ۾ تربيت حاصل ڪئي، هن ان پروگرام ۾ معاون حصيدار جو ڪردار ادا ڪرڻ تي يونيورسل سروس فنڊ، مائڪرو سافٽ، يو اين وومين ۽ هواوي جو شڪريو ادا ڪيو، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي يونيورسل سپورٽ فنڊ ۽ يو اين وومين جي وچ ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيح واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، هن ڊجيٽيل تربيت حاصل ڪندڙ ڇوڪرين ۾ هواوي پاران 150 اليڪٽرانڪ ٽيبليٽس به ورهايون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *