نواز شريف جي قيادت ۾ ملڪ 3 سالن جو سفر ڏيڍ سال ۾ طئه ڪيو: اسحاق ڊار

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. وزيراعظم توانائيءَ واري بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ذاتي طور خاص دلچسپي وٺي رهيو آهي، معاشي اهڃاڻ گهٽ مُدي ۾ تيزيءَ طرف گامزن آهن ۽ ايندڙ 3 سالن ۾ ملڪ ۾ وڌيڪ ترقي ٿيندي. ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ نمايان ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ 25 ڪمپنين کي ايوارڊ ڏيڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي محمد اسحاق ڊار چيو ته موجوده حڪومت جي پاليسين جي ڪري 2017ع ۾ توانائي بحران جو خاتمو اچي ويندو، معيشت جي بهتريءَ لاءِ حڪومت سهولت فراهم ڪندڙ طور بزنس ڪميونٽي کي بهتر ماحول فراهم ڪرڻ چاهي ٿي. تقريب ۾ وزيراعظم خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ 25 ڪمپنين کي ايوارڊز سان نوازيو. تقريب ۾ گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد خان، وڏو وزير قائم علي شاهه، گورنر اسٽيٽ بئنڪ اشرف محمود، چيئرمين ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج منير ڪمال، چيئرمين انويسٽمينٽ بورڊ مفتاح اسماعيل، چيئرمين سيڪيورٽي اينڊ ايڪسچينج ڪميشن ظفر حجازي، اسٽاڪ ايڪسچينج جا ميمبر ۽ ٻيون اعليٰ شخصيتون موجود هيون. وفاقي وزير اسحاق ڊار ملڪي معيشت جي بهتريءَ ۾ ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪارڪردگيءَ کي واکاڻيندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته وزيراعظم محمد نواز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ پاڪستان جو شمار دنيا جي اُڀرندڙ معيشتن ۾ ٿيندو. هن چيو ته ملڪ جي استحڪام ۾ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪيو ويندو، ماڻهو معيشت جي حوالي سان اڳڪٿيون ڪري رهيا هئا پر حڪومت جي بهتر پاليسين جي ڪري ملڪي معيشت بهتريءَ طرف گامزن آهي. هن چيو ته حڪومت ڪاميابيءَ سان سڪوڪ بانڊ جاري ڪيا، مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا 16 ارب ڊالرن کان وڌي ويا ۽ يورو بانڊ جي لاءِ توقع کان وڌيڪ آڇون مليون. اسحاق ڊار چيو ته حڪومت سنڀالڻ شرط اسان پنهنجي منشور تي عمل شروع ڪيو ۽ امن لاءِ ڳالهين جو رستو ورتو، دهشتگرديءَ خلاف حڪومت جو مؤقف انتهائي واضح آهي، دهشتگردي جو ڪنهن به رنگ، نسل ۽ مذهب سان تعلق ناهي. اسحاق ڊار چيو ته ڪراچيءَ ۾ امن جي بحاليءَ خاطر ٿيندڙ آپريشن ڏوهارين خلاف آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ آپريشن ڪنهن سياسي پارٽيءَ جي خلاف ناهي ٿي رهيو. ان کان اڳ آجياڻو وارو خطاب ڪندي چيئرمين اسٽاڪ ايڪسچينج منير ڪمال چيو ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج 2013ع ۽ 2014ع ۾ دنيا جي بهترين 10 اسٽاڪ ايڪسچينجز ۾ شامل رهي آهي. هن چيو ته ڪراچي اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪارڪردگيءَ جي حوالي سان تمام اهڃاڻ تيزيءَ سان بهتريءَ ڏانهن گامزن آهن. ڪي ايس اِي جو مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن ڪجهه سال پهرين 40 ارب ڊالرن تائين اچي ويو هو، 2014ع ۾ اهو 70 ارب کان وڌي ويو آهي. هن ٻُڌايو ته ڊسڪائونٽ ريٽ گهٽ ٿي 8 سيڪڙو رهجي ويو آهي جيڪو 2 سال پهرين ڊبل ڊجٽ ۾ هو، جڏهن ته گذريل 6 مهينن کان ناڻي واڌ ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي. منير ڪمال ٻُڌايو ته اسٽاڪ ايڪسچينج مارڪيٽن جا نتيجا بهتر ٿي رهيا آهن ۽ ملڪ ۾ اسٽاڪ مارڪيٽن جي بهتريءَ لاءِ سموريون ڪوششون مثبت رُخ ۾ اڳتي وڌي رهيون آهن. تقريب کي سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين ظفر حجازي خطاب ڪندي چيو ته اڄ وزيراعظم محمد نواز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ۽ سندس بهترين پاليسيءَ جي ڪري ناڻي واڌ ۾ نمايان گهٽتائي ٿي آهي ۽ عوام کي سڪون مليو آهي. توانائي بحران جي خاتمي لاءِ حڪومت جو عزم سڀني جي آڏو آهي، پاڪستان جي معيشت جلد تيزيءَ سان ترقيءَ جي سفر تي گامزن ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *