نواز شريف جي سزا ختم ٿيڻ بابت اڳڪٿيون پيون ٿين، اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نواز شريف جي سزا ختم ٿيڻ بابت اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته سزا يافته شخص جي سزا ختم ٿي وڃي؟ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي ترجمانن جي اجلاس جي اوندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته ن ليگ ۽ پ پ جو خيبر پختونخواهه ۾ اسان جي شڪست تي خوشي ملهائڻ حيران ڪندڙ آهي، اسان کي مڪاني چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جي نتيجن جو اظهار آهي، حتمي نتيجا اچڻ کانپوءِ معاملن جو جائزو وٺنداسين، تحريڪ انصاف جو ووٽر ۽ عوام اسان سان گڏ آهي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف جي سزا ختم ٿيڻ بابت اڳڪٿيون ٿي رهيون آهن، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ سزا يافته شخص جي سزا ختم ٿي وڃي؟ هن عوام جو پئسو لُٽيو ۽ ٻاهر منتقل ڪيو، پاناما ۾ سندس نالو آيو ۽ عدالت کيس نااهل ڪيو، اڄ تائين مني ٽريل به نه ڏئي سگهيو، هڪ ڏوهي جي سزا ختم ڪري کيس چوٿون ڀيرو وزيراعظم ڪيئن ٿو بڻائي سگهجي؟

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *