نواز شريف جي تازي طبي رپورٽ عدالت ۾ پيش، حڪومت پاران جعلي قرار، نوٽيس وٺڻ جو مطالبو

اسلام آباد/لاهور (م.ڊ) اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي تازي طبي رپورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي آهي جنهن موجب ڊاڪٽرن کيس سفر ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽ انٽروينشنل ڪارڊيالوجي جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض شال تيار ڪئي آهي جيڪا ايڊووڪيٽ امجد پرويز طرفان عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف اينجيو گرافي ڪرائڻ کان سواءِ لنڊن مان نٿو وڃي سگهي جيڪڏهن هو علاج کان سواءِ پاڪستان ويو ته ان جي حالت خراب ٿي سگهي ٿي.ميڊيڪل رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته نوازشريف پنهنجون دوائون جاري رکي ۽ کلي فضا ۾ چهل قدمي ڪري. چهل قدمي دوران ڪورونا کان بچاءُ جا قدم به کڻي. دنيا ۾ موجوده ڪورونا وائرس جي عالمي وبا کي ڏسندي نوازشريف کي هر طرح جي سفر يا عوامي هنڌن جهڙي هوائي اڏن تي وڃڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.رپورٽ موجب ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي کان پوءِ نوازشريف وڌيڪ دٻاءُ ۾ آهي. هو ذهني دٻاءُ کان سواءِ پنهنجون سرگرميون جاري رکي هو اڃان به سخت ذهني دٻاءُ ۾ آهي ۽ ذهني دٻاءُ سبب نوازشريف جي بيماري وڌيڪ بگڙجي سگهي ٿي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڪورونا سبب نوازشريف کي ساهه جو مسئلو به ٿي سگهي ٿو، هو دل جو مريض آهي ۽ ڪورونا وبا سبب ان جي حياتي کي به خطرو آهي ان ڪري جيستائين نوازشريف جي ڪرونري اينجيو گرافي نٿي ٿي وڃي هو صحت سينٽر جي ويجهو ئي رهي ۽ دوائون وٺندو رهي.رپورٽ ۾ ڊاڪٽر لکيوآهي ته مون کي تازو ئي ٻڌايو ويو آهي ته نوازشريف پنهنجي شوگر کي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ روزاني empagliflozin 10mg دوا شروع ڪئي هئي جنهن جي نتيجي ۾ ان جي گردن جي حالت خراب ٿي وئي آهي ان لاءِ سندس انجيو گرافي کان اڳ ان تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. رپورٽ ۾ ڊاڪٽر فياض شال چيو آهي ته نوازشريف جي صحت بابت ڪنهن سوال جي صورت ۾ مون سان رابطو ڪري سگهجي ٿو.   ٻئي طرف  وفاقي حڪومت نوازشريف جي ميڊيڪل رپورٽ کي ڪوڙو قرار ڏيندي عدليه کان سخت نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ان حوالي سان سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته آمريڪا ۾ ويٺل ذاتي ڊاڪٽر لنڊن ۾ موجود نوازشريف جون ڪوڙيون ميڊيڪل رپورٽون ٺاهي رهيو آهي. هن چيو ته اهو عدالتي نظام ۽ قانون جو مذاق اڏائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ناهي. ڪوڙين رپورٽن سان مسئلو حل نه ٿيندو. نوازشريف عوام جا پئسا واپس ڪري پوءِ ڀلي لنڊن ۾ آرام سان ويهي رهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *