نواز شريف جي بيان سنڌ حڪومت جي شڪايتن جي تصديق ڪري ڇڏي: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): وزير اعليٰ سنڌ جي اطلاعات بابت صلاحڪار مولا بخش چانڊيو چيو آهي ته وزير اعظم ميان محمدنواز شريف جي بيان مان سنڌ حڪومت جي شڪايتن جي تصديق ٿي وئي آهي. هن پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) وارن هميشه نيب کي سياسي انتقام لاءِ استعمال ڪيو ۽ اها روايت مسلم ليگ (ن) جي ئي آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي قائدين تي نيب جيڪي به ڪيس ٺاهيا انهن مان هڪ به ڪيس سچو ثابت نه ٿيو. صوبائي صلاحڪار چيو ته سنڌ ۾ نيب جي ڪارروائين تي ميان صاحب خاموشي اختيار رکي پر سندس اڄوڪي بيان نيب بابت سنڌ جي شڪايتن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *