نواز شريف جي استعيفيٰ تائين مهم ختم نه ٿيندي: عمران خان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تحريڪ انصاف سرب
راهه پاران سنڌ جي دورن ۽ لاهور وڃڻ جو اعلان، سنڌي ڀائر تيار ٿي وڃو عمران خان توهان وٽ اچي رهيو آهي، ڪراچي ۾ مزار قائد وٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڌرڻي کي خطاب ڪندي پي ٽي آءِ سربراهه  عمران خان چيو ته نواز شريف جي استعيفيٰ تائين مهم ختم نه ٿيندي، هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت تعليم کي ڏني ويندي، ڀتي ۽ قتل جي سياست به ختم ڪري ڇڏينداسين، 1970 جي چونڊن کان علاوه اليڪشن ۾ ڌانڌلي ٿي، اڄ تائين ڪو به ڌانڌلي ۾ ناهي پڪڙيو ويو، جيستائين نواز شريف استعيفيٰ نه ڏيندو مهم کي ختم نه ڪندس، عمران خان خطاب ۾ وڌيڪ چيو ته 18 سالن جي محنت  هڪ طرف، 39 ڏينهن جي جدوجهد هڪ طرف، نئين پاڪستان۾ پوليس کي غير جانبدار ۽ غير سياسي ڪرڻو آهي، اسان کي پوليس کي ٺيڪ ڪرڻو آهي، سڀ کان پهرين ڪمزور طبقي تي ٿيندڙ ظلم ختم ڪنداسين، هڪ اهڙو ملڪ ٺهندو جو ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو هتي نوڪريون ڳولڻ ايندا، ملڪ ۾ هاڻي تائين جهنگ جو قانون آهي، اسان ملڪ ۾ اهڙو قانون آڻينداسين جتي سزا ۽ جزا جو قانون هوندو، اسان کي حق حاصل هئڻ گهرجي ته  ووٽ ذريعي پنهنجو ليڊر چونڊيون، هن چيو ته اسان اها قوم ٺاهينداسين جنهن جو قائد اعظم خواب ڏٺو هو،  عوام کي تقسيم ڪري سياسي فائدا کنيا ويا، مهاجر، سنڌي، بلوچي، پختون ۽ پنجاب سڀ هڪ قوم بڻائڻ آيو آهيان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *