نواز شريف جو ڪيس ٻڌڻ وقت رشوت جون آڇون به ٿيون ۽ ڌمڪيون به مليون: جج ارشد ملڪ

اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي العزيزيه ريفرنس ۾ سزا ڏيندڙ احتساب عدالت نمبر 2 جي جج ارشد ملڪ مريم نواز پاران ويڊيو ذريعي الزامن تي وضاحت پيش ڪندي چيو ته مبينا ويڊيو مفروضن تي ٻڌل آهي ناصر بٽ ۽ سندس ڀاءُ سان پراڻِي ڄاڻ سڄاڻ آهي ٻئي ڀارت مختلف وقتن ۾ مون سان ملاقات ڪري سگهيا آهن ويڊيو ۾ مختلف موقعن ۽ عنوانن تي ڪيل ڳالهه ٻولهه کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو پهريان مون کي رشوت جي آڇ ڪئي وئي سهڪار نه ڪرڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون جيڪڏهن مان دٻاءَ ۾ اچي فيصلو ڪيان ها ته هڪ ڪيس ۾ آزادي ۽ ٻئي ۾ سزا نه ڏيان ها مبينا ويڊيو جي معاملي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي آچر تي نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز پاران آندل ويڊيو ۽ آئيڊيو تي وضاحت پيش ڪندي چيو ته مان ارشد ملڪ اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ۾ جج طور فرض نڀائي رهيو آهيان هن چيو ته مان گذريل ڏينهن مريم صفدر جي پريس ڪانفرنس ۽ مون سان جوڙيل ويڊيوز ڏٺيون آهن ڇو ته هن پريس ڪانفرنس جي ذريعي مون مٿان سنگين الزام هڻي منهنجي اداري، منهنجي ذات ۽ منهنجي خاندان جي ساک متاثر ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي تنه نڪري ان ڏس ۾ حقيقتون سامهون آڻڻ چاهيان ٿو هن چيو ته مان راولپنڊي جو رهواسي آهيان جتي مان جج ٿيڻ کان اڳ وڪالت ڪندو رهيو آهيان هن چيو ته ڄاڻايل ويڊيوز ۾ ڏيکاريل ڪردار ناصر بٽ جو تعلق به هن ئي شهر سان ئي آهي ۽ منهنجي ان سان پراڻي ڄاڻ سڃاڻ آهي. هن چيو ته مريم صفدر صاحبه جي پريس ڪانفرنس ۾ ڏيکاريل ويڊيوز نه رڳو حقيقتن جي ابتڙ آهي پر ان ۾ مختلف موقعن ۽ عنوانن تي ڪيل ڳالهه ٻولهه کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي هن چيو ته مريم صفدر صاحبه جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ اهو ضروري آهي ته سچ آڏو آندو وڃي اهو اهو ته نواز شريف صاحب ۽ ان جي خاندان جي خلاف ڪيسن جي ٻڌڻي دوران مون کي انهن جي نمائندن پاران ڪيترائي ڀيرا رشوت جي آڇ ڪئي وئي پر سهڪار نه ڪرڻ جي صورت ۾ سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏنيون ويون جن کي مان سختي سان رد ڪندي حق تي قائم رهڻ جو پڪو پهه پنهنجي جان ۽ مال کي الله جي حوالي ڪري ڇڏيو هن چيو ته مان انصاف ڪندي ثبوتن جي بنياد تي نواز شريف کي العزيزيه ڪيس ۾ سزا ٻڌائي ۽ فليگ شپ ريفرنس ۾ آزاد ڪيو هن چيو ته مان اهو به واضح ڪيان ٿو ته مون تي سڌو يا اڻ سڌو نه ته ڪو ئي دٻاءُ هو نه ئي ڪا لالچ هئي هن چيو ته مان هي فيصلا خدا کي حاضر ناظر ڄاڻي قانون ۽ ثبوتن جي بنياد تي ڪيا هن چيو ته هي پريس ڪانفرنس رڳو منهنجي فيصلن کي تڪراري بنائڻ ۽ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي آهي ان ۾ ڏيکاريل ويڊيو ڪوڙي آهي پر ان ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *