نواز شريف جو نالو پانامه ليڪس ۾ ناهي، حسن نواز جي 99 19۽ 2016 ۾ ڏنل بيانن ۾ ڪو تضاد نه آهي: طلال چوڌري

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ طلال چوڌري سينيٽر اعتزاز احسن پاران وزير اعظم لاءِ جاري ڪيل سوال نامي جا جواب ڏئي ڇڏيا آهن، پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي طلال چوڌري جو چوڻ هو ته وزير اعظم جي پُٽ حسين نواز خانگي ٽي وي نيوز چينل جي پروگرام ۾ واضح چيو ته مي فيئر فليٽ سعودي عرب ۾ مل وڪرڻ مان حاصل ٿيندڙ رقم سان 2006ع ۾ خريد ڪيا، جيڪي سندن ملڪ جي قانون موجب خريد ڪيا ويا، سندس چوڻ هو ته حسن نواز 1999ع ۾ جيڪو بيان ڏنو هو ان موجب اهي فليٽ رينٽ تي هئا ۽ ان جي 16 سالن کانپوءِ 2016ع ۾ حسين نواز جيڪو انٽرويو ڏنو آهي، ان موجب اهي فليٽ 2006ع ۾ خريد ڪيا ويا، انهن ٻنهي بيانن ۾ ڪوبه تضاد نه آهي، طلال چوڌري چيو ته نواز شريف جو نالو ڪيس ۾ آهي ئي نه، وزير اعظم جي نالي تي ڪابه آف شور ڪمپني نه آهي، جيڪا ڪمپني سندس پُٽن جي نالي آهي ان کي اهي پهرين ئي ظاهر ڪري چُڪا آهن، سندس چوڻ هو ته نواز شريف جي ڪمائي ۽ سندس اثاثا سڀني جي سامهون آهن، جيڪي ملڪي قانون موجب آهن، سڄي ملڪيت ۽ ڪاروبار جا ٽيڪس قانون موجب ادا ڪيا ويا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *