نواز شريف جو بچاءُ ڪندڙ شرم ڪن، سنڌ ۾ زرداري سسٽم پيو هلي: وفاقي حڪومت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي  وزير فواد چوڌري چيو آهي ته جيڪي ماڻهو هاڻ به نواز شريف جو بچاءُ  ڪري رهيا آهن انهن کي شرم اچڻ گهرجي. نيب ريفرنس ۾ نواز شريف کي سزا ملڻ بعد اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته ايترن ثبوتن کان پوءِ جيڪي ماڻهو هاڻ نواز شريف جو بچاءُ ڪري رهيا آهن انهن کي شرم اچڻ گهرجي، 3 ڀيرا چونڊيل وزير اعظم جي ٻارن جي موقف آهي ته هو پاڪستاني شهري ناهن، نواز شريف جا ٻار والد جي بچاءُ لاءِ سامهون ناهن آيا، ٻارن کي ٻاهر رکيو ويو آهي ۽ هتي ڪرپشن ڪري رهيا آهن، نواز شريف ۽ آصف زراري اڄ بي نقاب ٿي ويا، فليگ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف کي ٽيڪنيڪي بنياد تي آزاد ڪيو ويو. فواد چوڌري چيو ته العزيزيه کان پوءِ 18 ڏينهن ۾ هل ميٽل جي نالي سان نئين مل بيهاري وئي، هل ميٽل 2010ع تائين خساري ۾ هئي، پر پنجاب ۾ مسلم ليگ ن کي حڪومت ملندي ئي هل ميٽل ترقي ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي، دنيا جي ڪرپٽ ماڻهن ۾ نواز شريف جو نالو آيو، هي ملون رڳو ڪاغذن ۾ هيون. سڌُ سماءَ واري وزير چيو ته مني لانڊرنگ جي لاءِ ڪوڙيون ڪمپنيون بڻايون ويون، پاڪستان ۾ ڪميشن وٺي پيسو ٻاهر ويندو هو، ڪجهه پيسا ٻاهر رهجي ويا ڪجهه پاڪستان آيا، ان پيسي سان پرڏيهه ۾ مليڪتون خريديون ويون، نواز شريف کي پورو موقعو ڏنو ويو پر هو مني ٽريل پيش نه ڪري سگهيو، نيب قانون جي موجب آمدني جو ذريعو نه ٻڌائڻ جو مطلب ڪرپشن هوندو آهي. فواد چوڌري جو چوڻ هو ته لکين ڊالر مريم نواز ۽ نواز شريف جي ڊرائيورن جي اڪائونٽن ۾ ايندا رهيا، اِهو ڪنهن جي پيءُ جو نه پر عوام جو آهي، غريب جو پيٽ ڪٽي پيس ٻاهر منتقل ڪيو ويو. مان سڀاڻي ٻاهر ملڪيت ٺاهيان ۽ ماڻهن کي اپيل ڪيان ته مون کي بچائڻ لاءِ ٻاهر نڪرو، ماڻهو بيوقوف نه آهن، اهڙين اپيلن تي ٻاهر نه نڪرندا. هن چيو ته  قوم بدعنواني ڪيسن تي عدالتي فيصلن جو انتظار ڪري رهيا آهن،  بدعنواني سبب ترقي جا رستا بند ٿي ويندا آهن، عمران خان جي قيادت ۾ نئين پاڪستان جو بنياد رکيو آهي، اسان صاف گورننس طرف وڌي رهيا آهيون،  اميد آهي ته ملڪ کي مالي مسئلن مان ڪڍڻ ۾ آصف زرداري ۽ نواز شريف به ڪجهه سهڪار ڪندا.  سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ماضي جي دور ۾ ڏٺو ڪرپشن غربت سان جڙيل هوندي آهي پر عمران خان جيڪو بنياد رکيو ان تي عمارت قائم ڪنداسين جهڙي نموني قائد اعظم ملڪ لاءِ سوچو هو اسان قائد اعظم جي خواب کي پورو ڪنداسين. وزير اعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر چيو آهي ته سنڌ ۾ زرداري سسٽم هلي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ سڌُ سماءَ واري وفاقي فواد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي وزير اعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر جو چوڻ هو ته ڪوڙي اڪائونٽ ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ تي سمري هوش اڏائي ڇڏيا آهن، جي آءِ ٽي رپورٽ سنڌ ۾ زرداري سسٽم کي وائکو ڪري ڇڏيو آهي، نواز شريف ۽ آصف زرداري جي وچ ۾ ڳٺ جوڙ هئي ۽ ڦرلٽ جي لاءِ هڪ منظم سسٽم بڻايو ويو هو. شهزاد اڪبر چيو ته اسان کي هاڻ سمجهه ۾ اچي رهيو آهي ته پاڪستان کي ڇو گري ۽ بليڪ لسٽ ۾ وڌو پيو وڃي. هن ملڪ جي نظام کي ڪجهه ڪرپٽ حڪمرانن جي لاءِ ڪهڙي طرح باندي بڻايو ويو آهي ۽ اُهو هن جي آءِ ٽي مان سمجهه ۾ اچي رهيو آهي جڏهن ته انهن ماڻهن کي لڳي رهيو هو ته ڪڏهن به پڪڙيا نه وينداسين. وزير اعظم جي خاص مددگار چيو ته جي آءِ ٽي هزارين اڪائونٽن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جا انٽرويو ڪيا جنهن بعد خبر پئي ته ڪيئن اهي ماڻهو پيسا انهن اڪائونٽن ۾ گهمائيندا ڦيرائيندا رهيا ۽ انهن مان 100 کان وڌيڪ ڪوڙا اڪائونٽ به هئا جنهن ۾ اومني گروپ جا 32 ڪوڙا اڪائونٽ به شامل هئا، انهن سمورن پيسن کي گهمائڻ ۽ ڦيرائڻ بعد انهن پيسن کي جائز پيسي ۾ شامل ڪيو ويندو رهيو ۽ زرداري گروپ جا سمورا بل ڪوڙي اڪائونٽ مان ئي ادا ڪيا ويندا رهيا.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *