نواز شريف جو اقتدار ڪرپشن سبب ٻڏي رهيو آهي: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پيپلز پارٽي خيبر پختونخواهه جي اڳواڻن ملاقات ڪئي آهي، ملاقات دوران ڪارڪنن کي هدايت ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارٽي اڳواڻ ۽ عهديدار سرگرم ٿي وڃن، هن چيو ته شهر شهر ۽ ڳوٺ ڳوٺ پارٽي کي مضبوط ۽ منظم ڪريو، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نواز شريف جو اقتدار ڪرپشن سبب ٻڏي رهيو آهي، هن چيو ته 2013 جون چونڊون اسان کان چورايون ويون هيون، خيبر پختونخواهه ۾ اسان جي پارٽي اڳواڻن ۽ اميدوارن کي شهيد ڪيو ويو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *