نواز شريف جو اسپيڪر اياز صادق سان ٽيليفونڪ رابطو، پارٽي صدارت کان روڪڻ وارو بل رد ڪرائڻ جي هدايت

لاهور(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف قومي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ٽيليفونڪ رابطو ڪيو جنهن ۾ نااهل شخص کي پارٽي سربراهي واري بل سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ميڊيا رپورٽن موجب ڳالهه ٻولهه دوران اڳوڻي وزير اعظم ن ليگ جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي سڀاڻي حاضري يقيني بڻائڻ جو ٽاسڪ ڏنو. نواز شريف کي پارٽي صدارت تان هٽائڻ جو بل پيش ٿيڻ جا امڪان آهي، اڳوڻي وزير اعظم هدايت ڪئي آهي ته ليگي ميمبرن جي حاضري يقيني بڻائي وڃي ۽ پارٽي صدارت جو بل رد ڪرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *