نواز شريف جنرل جيلاني ۽ ڀٽو ايوب جي پيداوار آهي، جمهوريت جو حقيقي اسٽيڪ هولڊر مان آهيان: عمران خان

لاهور (اين اين آءِ) پي ٽي آئي جي سربراهه عمران خان چيو ته مون تي فوج سان سوديبازي ڪري اقتدار حاصل ڪرڻ جا الزام غلط آهن نه مان پهريان ائين چيو ته نه ئي آئيندا اهڙي خواهش آهي. چونڊ سياست ۾ سياسي خاندانن کي گڏ کڻڻ ضروري آهي. هن هزار تڪن ۾ چونڊ وڙهڻي آهي ۽ انهن سڀني تڪن جي لاءِ نوان ماڻهون آڻن ممڪن نه آهي، بي بي سي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ عمران خان چيو ته اهڙا موقعا ڪيترائي آيا جڏهن هو ملڪ ۾ انتشار جو سبب بڻجي سگھي پيو پر صرف انهيءَ خدشي سبب پوئتي هٽي ويو ته ڪٿي فوج نه اچي . پاڪستان ۾ جمهوريت برقرار رکڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ دلچسپي مونکي آهي. جمهوريت جو مونکان وڌيڪ وڏو اسٽيڪ هولڊر پاڪستان ۾ ڪير آهي نوازشريف جنرل گيلاني جي ذريعي سياست ۾ آيو، ۽ ذوالفقار علي ڀٽو ته ننڍڙو هيو، جڏهن انکي ايوب خان مٿي آندو، هن جو چوڻ هو ته هن 21 سال جدوجھد ڪئي آهي انکان پوءِ هو ان جڳهه تي پهتو آهي مان 21 سال جدوجھد ڇا ان لاءِ ڪئي آهي ته فوج کي اقتدار ۾ آڻيا، هن چيو ته پي ٽي آئي وٽ جيتري وڏي اسٽريٽ پاور آهي انجي ذريعي  هوءَ چاهي ته ڪنهن به وقت ملڪ ۾ انتشار ڦهلائي سگھي ٿي پر هن ائين نه ڪيو. گذريل سال اسلام آباد لاڪ ڊائون جي موقعي تي  جيڪڏهن مان پارٽِي جي مخالفت جي باوجود پشاور کي ايندڙ ريلي کي نه روڪيا هان ته مونکي خبر هئي ته انتشار ٿيندو ۽ گيم اسانجي هٿن مان نڪري ويندي ۽ فوج مداخلت ڪندي. ان لاءِ مان ان کي واپس موڪليو ۽ پاڻ سپريم ڪورٽ هليو ويس. هن چيو ته جيڪو ماڻهون ملڪ ۾ آزاد چونڊن جي لاءِ جدوجھد ڪندو هجي اهو ڪيئن چاهيندو ته فوج اقتدار ۾ اچي. هن چيو ته اڃان تائين هڪ به اهڙي شخص کي  پارٽي ۾ شامل نه ڪيو آهي جنهن جي خلاف نيب ۾ ڪرپشن جو ڪيس هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *