نواز شريف جناح اسپتال سميت سرڪاري اسپتالن ۾ انجيو گرافي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف لاهور جي جناح اسپتال سميت ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ انجيو گرافي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. اسپتال ذريعن موجب اڳوڻي وزيراعظم لاهور جي جناح اسپتال سميت/ڏسو صفحو 2 بقايا نمبر 11

ٻين سرڪاري اسپتالن ۾ انجيو گرافي ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي صحت واري سيڪريٽري جناح اسپتال جي ميڊيڪل بورڊ کان نواز شريف جي علاج جا تفصيل حاصل ڪري وتا آهن. اسپتال ذريعن موجب نواز شريف جي علاج لاءِ اعليٰ اختيارين کي رپورٽون موڪليون وينديون.  ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب  نواز شريف طرفان سرڪاري اسپتالن ۾ انجيو گرافي ڪرائڻ جا ترديد ڪندي چيو ويو آهي ته نواز شريف انجيو گرافي ڪرائڻ تي راضي آهي سندس انڪار جي ڳالهه درست ناهي. هن چيو ته نواز شريف جي انجيو گرافي جي اڃا تائين اجازت نه ڏيڻ مجرماڻو فعل آهي، مريض کي ايترا ڏينهن علاج کان پري رکڻ ڪهڙي قانون، انصاف ۽ اخلاق  موجب آهي؟  سندس چوڻ هو ته انجيو گرافي جي عمل ۾ حڪومت طرفان ڄاڻي ٻجهي دير صورتحال کي شڪي بڻائي رهي آهي، عمران خان جي انا ۽ ضد تي پنجاب حڪومت علاج ۾ رنڊڪ بڻيل آهي، نواز شريف جي صحت ۽ زندگي خطري ۾ وجهڻ جو ذميوار عمران خان هوندو، نواز شريف کي جهڙي نموني جي اسپتال ڪنڊيشنز ۾ رکيو ويو آهي سندس صحت لاءِ خطرناڪ آهن. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف کي جناح اسپتال ۾ 8 ڏينهن ٿي ويا آهن، کيس اهڙي اسپتال ۾ رکيو ويو آهي جتي دل جي علاج جي سهولت ناهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *