اسلام آباد(م.ڊ) سڌُ سماءُ بابت مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف جا ووٽ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندي ڪندي عمران خان ماڻهو وڃائي ويٺو آهي. عمران خان 2018 تائين انتظار ڪري سڄو پاڪستان نواز شريف کي ووٽ ڏيندو. عمران خان جي بيان تي پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان پارٽي مان گهڻن ماڻهن کي ڪڍندو. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته وزير اعظم جي تعليم سڌاري واري پروگرام تحت سرڪاري شعبي جي اسڪولن ۾ ٻارن جي لاءِ سهولتون ۾ اضافو ڪيو پيو وڃي. پهرين جنوري 2017ع تي ٻارن کي ٽرانسپورٽ سميت ٻيون سهولتون ڏيڻ سان گڏوگڏ استادن جي تربيت به ڪرائي ويندي.