نواز شريف تي اسٽيبلشمنٽ جو ڊپ سوار رهندو آهي ، مودي سان سندس ڳجهين ملاقاتن جو ٻڌي حيرت ٿي: عمران خان

اسلام آباد (بيورو)تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته وزير اعظم نواز شريف ۽ نريندر مودي جي کٽمنڊو ۾ ملاقات جي خبر ٻڌي ڇرڪ نڪري ويو، انهن ٻنهي وچ ۾ ڳجهي ملاقات جو انتظام ڀارتي واپاري ڪيو، جنهن تي حيرت آهي، نواز شريف تي هر وقت اسٽيبلشمنٽ جو ڊپ سوار رهندو آهي، هو پاڪ فوج جي ساک متاثر ڪري رهيو آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي پنهنجي نياپي ۾ ڪيو، عمران خان چيو ته نريندر مودي کاٻي ڌر جي حامين جو غلام بڻجي چڪو آهي، بدقسمتي سان پاڪ – ڀارت وزير اعظمن ۾ قائداڻي صلاحيت موجود ناهي، نواز شريف بااعتماد طريقي سان اڳتي وڌڻ جي صلاحيت کان محروم آهي، سندس چوڻ هو ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ ڪامياب آهي، نواز شريف جي حرڪتن سان پاڪ فوج جي ساک متاثر ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *