نواز شريف اڳ ۾ اعلان نه ڪري ها ته سينيٽ چيئرمين رضا رباني کي ٿيڻو هو: اعتزاز احسن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته نواز شريف جيڪڏهن اڳ ۾ اعلان نه ڪري ها ته رضا رباني سينيٽ چيئرمين بڻجي وڃي ها، سينيٽ چيئرمين رضا رباني کي بڻائڻ گهرجي ها، اها منهنجي ذاتي راءِ آهي ته رضا رباني سان اسان کي گهڻو فائدو ٿئي ها. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته مان 2008ع ۾ پارٽي سان بغاوت ڪئي، ان باوجود مون کي سينيٽر بڻايو ويو، مون کي جڏهن به ڳالهائڻو هوندو آهي ته سڌو سنئون نالو کڻندو آهيان،  نواز شريف ۾ جرئت آهي ته نالو کڻي ڳالهائي. هن چيو ته صادق سنجراڻي ڳجهي راءِ شماري تي سينيٽ چيئرمين چونڊيو ويو، راجا ظهر الحق ن ليگ جو اوپننگ اميدوار نه هو، کيس ن ليگ آخري منٽ ۾ نامزد ڪيو، منهنجي خيال ۾ مولانا نه ن ليگ جا پنهنجا ماڻهو پاسيرا ٿي ويا، نواز شريف سان گڏجي پنهنجو سينيٽر آڻڻ نه پئي چاهيوسين، رضا رباني کي نامزد نه ڪرڻ سياسي فيصلو هو، جيڪڏهن نواز شريف سندس نالو نه کڻي ها ته اهو سينيٽ چيئرمين ٿي پئي سگهيو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف کي عدالت جي توهين تي ان وقت ئي طلب ڪيو وڃي ها، جڏهن هو ريلي ڪڍي جاتي امرا پهتو ۽ “مون کي ڇو ڪڍيو” جو پٽڻو پٽي رهيو هو، جيڪڏهن ان وقت اڳوڻو وزيراعظم عدالت ۾ پيش ٿئي ها  ته ڪجهه به نه ڳالهائي سگهي ها، هاڻ نواز شريف ۽ سندس ڌيءُ مريم نواز هوا جي گهوڙي تي سوار آهن. اعتزاز احسن چيو ته جڏهن کان نواز شريف جو ٽرائل ٿي رهيو آهي ته هو پنهنجي صفائي ۾ هڪ ڪاغذ به پيش ناهي ڪري سگهيو، پنجاب ۾ اسان جا ووٽر نٿا چاهين ته نواز شريف کي رعايت ملي، آصف زرداري جنهن شهر ويندو آهي ته ڪجهه ٿيڻ جو گوڙ شروع ٿي ويندو آهي، آصف زرداري جي دل نواز شريف کان وڏي آهي. هن چيو ته هاڻ ن ليگ جا سڀ ووٽ مريم وٽ آهن، هاڻ نواز ليگي اميدوارن کي ٽڪيٽ به مريم ڏيندي، شهباز شريف ۽ چوڌري نثار سميت سڀ گيم مان آئوٽ ٿي چڪا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *