نواز شريف احتساب جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان  تحريڪ انصاف جي چيرمين عمران خان  چيو آهي ته نوازشريف احتساب جي نالي تي عوام کي بيوقوف بڻائي رهيو آهي، بني گالا ۾عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد  سان ملاقات جي موقعي تي پي ٽي آئي جي چيرمين عمران خان چيو آهي ته نوازشريف مافيا هر قيمت تي پرڏيهه ملڪ لڪايل 300 ارب رپيا  بچائڻ چاهي ٿو.  انڪري اڳوڻي وزير اعظم نوازشريف عدليا ۽ آئين تي  حملا ڪري رهيو آهي. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ان وٽ پنهنجي ڏوهن کي بچائڻ جي لاءِ ڪجھه ناهي. عمران خان چيو ته نوازشريف دعوا ڪري رهيو آهي ته عوام ان جو احتساب ڪري .  نوازشريف چاهي ٿو عوام کي هر وقت بيوقوف بڻائي رکجي، پر هاڻي هي ممڪن ناهي ڇو ته عوام پاڻ ڄاڻي ٿي ته هن کي پنهنجو نمائندو چونڊ ڪرڻون آهي، ان موقعي تي عوام مسلم  ليگ جي سربراهه شيخ رشيد چيو ته حڪمرانن جي ڪرپشن جي خلاف جدوجھد جاري رهندي ۽ ايندڙ چونڊ ڪرپشن جي بنياد تي وڙهي ويندي ان ڪري اسان فيصلو ڪيو آهي ته حديبيا پيپر جو معاملو پهريان کان وڌيڪ ڀرپور انداز ۾ کڻڻ گھرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *