نواز-زرداري ملاقات، فوجي عدالتن واري معاملي تي مشاورت

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف طرفان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ فوجي عدالتن جي قيام تي تمام سياسي پارٽين سان مشاورت لاءِ جمعي ڏينهن وزيراعظم هائوس ۾ گهرايل آل پارٽيز ڪانفرنس کان پهريان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان علحدگي ۾ صلاح مشورا ڪيا ويا، ٻنهي هڪٻئي کي فوجي عدالتن جي معاملي تي تحفظات ۽ فوجي قيادت جي ان بابت سخت موقف تي ويچاريو. تفصيل موجب آصف علي زرداري جي وزيراعظم هائوس اچڻ تي نواز شريف پاڻ ٻاهر اچي پورچ ۾ سندس استقبال ڪيو جڏهن ته ٻين تمام سياسي اڳواڻن جي آجيان وفاقي وزيرن اسحاق ڊار، خواجا آصف، پرويز رشيد ۽ ٻين ڪئي. آصف علي زرداري جي اچڻ تي نواز شريف ان سان نهايت گرم جوشي سان ڳلي مليو ۽ پورچ مان کيس ٻانهن مان وٺي وزيراعظم جي وڏي ڊرائنگ روم جتي ٻيا تمام سياسي اڳواڻ موجود هئا ڏانهن وڃڻ بدران اندروني حصي ڏانهن هليو ويو جڏهن ته پيپلزپارٽي جا باقي اڳواڻ اعتزاز احسن، شيري رحمان، رحمان ملڪ ٻين وزيرن سان ڊرائنگ روم ۾ هليا ويا. ياد رهي ته ان کان پهريان آصف علي زرداري خاص جهاز ۾ ڪراچي کان اسلام آباد پهچڻ بعد چڪلالا ايئربيس تي پارٽي اڳواڻن سان مشاورت لاءِ اجلاس ڪيو هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *