نواز-زرداري سياست ختم، الله تعاليٰ وٽ دير آهي انڌير ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباڊ(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اڳوڻو ناڻو واري وزير اسحاق ڊار ملڪ واپس ايندو ۽ پيسا به واپس ڪندو. اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس ۾ واپارين کي خطاب ڪندي فواد چوڌري جو چوڻ هو ته الله وٽ دير آهي انڌير ناهي، اسحاق ڊار کان وڌيڪ سندس پيسن جو انتظار آهي جيڪي هو گڏ کڻي ويو هو. سندس چوڻ هو ته اڳوڻو ناڻي وارو وزير واپس به ايندو ۽ پيسا به واپس ڪندو. مخالف ڌر کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف پنهنجي آخري اليڪشن وڙهي، ٻنهي جي سياست ختم ٿي چڪي آهي.  هن چيو ته حڪومت ۾ آياسين ته خبر پئي 12 ارب ڊالر نه هجن ته اسان ڊيفالٽر ٿي وينداسين، پي ٽي آءِ جي حڪومت آئي ته ڊالر 128 رپين جو هو. هن چيو ته ملڪ ۾ سڀ کان وڏو چيلينج معيشت جو آهي، اصل سفر هاڻ شروع ٿي آهي، اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻو آهي، سان جي پهرين ترجيح هئي ته ڏيوالو نڪرڻ واري خطري مان ڪيئن نڪرجي. فواد چوڌري چيو ته گذريل حڪومتن جو سڀ کان وڏو مسئلو ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ هئي، حڪومت مني لانڊرنگ تي بندوبست شروع ڪري ڇڏيا آهن. هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ 2 وڏا مسئلا ڪرپشن ۽ ڪرپشن جو پيسو ٻاهر موڪلڻ هو، سنڌ جي حڪمرانن به ڪرپشن ڪئي ۽ پيسا ٻاهر موڪليا، سنڌ جون ڪهاڻيون به سامهون اچي رهيون آهن ته پيسو ٻاهر ڪيئن ويو. هن چيو ته احتساب جي ڳالهه تي مخالف ڌر مون کان ناراض ئي رهندي آهي، احتساب جي ڳالهه ڪيو ته مخالف ڌر ناراض زال جيان مائٽن ڏانهن هلي ويندي آهي. ٽيڪس ريٽرن جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته 2017ع ۾ 11 لک کان وڌيڪ ٽيڪس ريٽرن فائل ٿيا، هلندڙ سال 15 لک کان وڌيڪ ٽيڪس ريٽرن فائل ٿي چڪا آهن، طويل عرصي بعد ٻيڻي انگ ۾ ٽيڪس وصول ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر ماڻهن کي ٽيڪس نيٺ ۾ آندو پيو وڃي، هن ڀيري ريڪارڊ ٽيڪس ريٽرنز جمع ٿيا ته مثبت اڳڀرائي آهي. امپورٽ ايڪسپورٽ جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير جو چوڻ هو ته اسان هي سال ٻه ارب ڊالرن جا موبائيل فون گهرائيندا آهيون، امپورٽس جي حوصلا شڪني ڪري رهيا آهيون، جڏهن ايڪسپورٽس وڌيڪ ۽ امپورٽس گهٽ ٿيندي ته ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهندو. فواد چوڌري چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته ملڪ جي اميج ۾ به بهتري آئي آهي. پاڪستان جو پرڏيهي امير بهتر ٿي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *