نواز  دور ۾ اپوزيشن ليڊر طور عمران خان جو فون هيڪ ڪيو ويو: فرخ حبيب

فيصل آباد (اين اين آءِ) مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نوازشريف جي اقتدار ۾ اپوزيشن ليڊر طور عمران خان جو فون هيڪ ڪيو ويو، نوازشريف ۽مريم صفدر جواب ڏين ته عمران خان جو ئي فون ڇو هيڪ ڪيو ويو. اهو عين ممڪن آهي ته نوازشريف مودي جي ذريعي اسرائيلي سافٽويئر سان عمران خان جو فون هيڪ ڪرايو هجي ڇو ته نوازشريف جي تاريخ رهي آهي ته هو سياستدانن، جرنيلن، ججز، انٽيليجنس ادارن جي سربراهن جا فون ٽيپ ڪرائيندو رهيو آهي هو اڱاري تي سرڪٽ هائوس فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو فرخ حبيب چيو ته مودي ۽ نوازشريف جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق آهي. جيئن مودي فون رڪارڊ ڪرائي رهيو هو پاڪستان ۾ اپوزيشن جا فون هيڪ ڪرائڻ ۾ نوازشريف مودي کي خدمتون فراهم ڪيون نوازشريف جي مودي سان ايتري گهاٽي دوستي هئي ته مودي جي حلف نامي تي هي حريت اڳواڻن سان نٿو ملي هن چيو ته عمران خان اپوزيشن ۾ هو تڏهن به پاناما ليڪس ۽ ٻين ڪرپشن اسڪينڊلز تي آواز بلند ڪندو رهيو هن چيو ته فون هيڪ ڪرڻ جي معاملي جو تفصيل اچي رهيو آهي جلد کوڙ سارا ڪردار وائکا ٿي ويندا هنچيو ته هن وقت تائين ايندڙ تفصيل مطابق نوازشريف مودي جي ذريعي عمران خان جو فون ٽيپ ڪرايو آهي. هنچيو ته نوازشريف جيڪڏهن پنهنجي اپوزيشن جا فون هيڪ ڪرائي سگهي ٿو ته ڪنهن جا به فون هيڪ ڪرائي سگهي ٿو هن چيو ته جڏهن نوازشريف وزيراعظم هو ته کيس عمران خان ئي ڪرپشن اسڪينڊلز تي چئلينج ڪيا هئا ان وقت عمران خان ملڪ جووزراعظم نه هو مودي ۽ نوازشريف جو جنهن نموني جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو هو ۽ مودي پنهنجي اپوزيشن جا فون هيڪ ڪرائي رهيو هو اهڙي طرح نوازشريف پنهنجي اپوزيشن جا فون هيڪ ڪرائڻ لاءِ مودي جون خدمتون ورتيون ۽ اسرائيلي سافٽ ويئر جي زريعي عمران خان جو فون هيڪ ڪرايو ويو هن چيوت ه نوازشريف پنهنجي حڪومتي دور ۾ سمورن قانونن کي پاسي تي رکندي 100 ماڻهن سان گڏ مودي جولاهور اچڻ، نوازشريف جي فئملي جي شادي جو حصوبڻجڻ اهو سڀ ڪجهه سڀني اڳيان آهي هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ ٻي سياسي قيادت جا فون هيڪ نه ڪرايا ويا صرف عمران خان جو فون هيڪ ڪرايو ويو ان تي نوازشريف کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻي پوندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *