نواز حڪومت منافقت ختم ڪري غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل خلاف قانونسازي وارو بل جلد منظور ڪري: بلاول ڀٽو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري نواز حڪومت کي چيو آهي ته هومنافقت ختم ڪري غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل خلاف قانونسازي واري بل ” اينٽي آنر ڪلنگس لاز(ڪرمنل لاز امينڊمينٽ) بل 2014ع کي فوري طورمنظور ڪرائي، اهو بل پاڪستان پيپلزپارٽي طرفان گذريل سال مارچ ۾ سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو ته جيئن غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل جهڙي غير انساني عمل کي ختم ڪري سگهجي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ انسان کي قتل ڪرڻ غيرت ناهي ۽ غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل خاص طور تي عورتن جي قتل کي ناقابل معافي ۽ خطرناڪ ڏوه قرار ڏيڻ گهرجي ته جيئن انهيءَ خطرناڪ روايت کي ٻنجو اچي سگهي جنهن جو اسان جي تاريخ توڙي تهذيب سان ڪو به واسطو ناهي، هن چيو ته پوري ملڪ ۾ غيرت جي نالي تي سوين عورتن کي قتل ڪيو وڃي ٿو پرسخت قانون نه هجڻ جي ڪري قاتل سرعام آزاد گهمندا رهن ٿا جن کي مثالي سزا ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته غيرت جي نالي تي قتل هڪ اهڙي خطري واري تلوار آهي جيڪا اسان جي سماج جي ڪجه حصي ۾ عورتن جي مٿان هر وقت لٽڪيل رهي ٿي ۽ اتي عورتون مستقل خوف جي پاڇي ۾ زندگي گذارين ٿيون، پيپلزپارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته پارٽي جي پارليامينٽ ميمبرن انهيءَ بل جومتن ٺاهڻ ۾ وڏي محنت ڪئي ۽ ان کانپوءِ اهو بل سينيٽ مان منظور ڪرايو ويو پرنواز حڪومت انهيءَ بل کي قومي اسيمبليءَ جي ڪٻٽن ۾ بند ڪري رکي ڇڏيو آهي، هن چيو ته انهيءَ بل کي هڪ سال تائين بنا جواز رکي ڇڏڻ جو مطلب آهي ته نواز حڪومت غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتلن کي هٿي ڏيڻ ۾ برابر شامل آهي، بلاول ڀٽو زرداري سياسي پارٽين ۽ سول سوسائٽي تي زور ڀريو آهي ته اهي نواز حڪومت جي منافقت جي خاتمي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي طرفان تيار ڪيل قانونسازي جي تڪميل جي لاءِ وفاقي حڪومت تي دٻاءَ وجهن، بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو اهو خواب هو ته عورتن کي برابر موقعا ملڻ سان گڏ کين تحفظ به ملڻ گهرجي ۽ غيرت جي نالي تي ٿيندڙ قتل خلاف قانونسازي وارو بل ” اينٽي آنر ڪلنگس لاز(ڪرمنل لاز امينڊمينٽ) بل 2014ع ان حوالي سان تاريخي ثابت ٿي سگهي ٿو، بلاول ڀٽو زرداري قومي اسيمبلي ۾  پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارلياماني پارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته انهيءِ بل جي حوالي سان راه هموار ڪرڻ لاءِ ايوان ۾ لابنگ شروع ڪئي وڃي ۽ قومي اسيمبلي ۾ ٻين پارٽين سان به ڳالهايو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *