نوازشريف نه رڳو عدالتن جي توهين پر عدالتن سان محاذ آرائي اختيار ڪري رهيو آهي : آصف علي زرداري

ڪراچي  (اين اين آءِ) پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو ته نوازشريف نه صرف عدالتن جي توهين ئي نه پر هو  عدالتن سان محاذ آرائي اختيار ڪري رهيو آهي،  وفاقي حڪومت سنڌ ۾نيب کي اسانجي خلاف استعمال ڪيو، 2018 ۾ پ پ پ حڪومت ٺاهيندي، پر اسان انهن کان انتقام نه وٺنداسين پر نون ليگ جي اقتدار واري دور جو حساب وٺنداسي، خانگي ٽي وي  سان ڳالهائيندي هن  چيو ته مسلم ليگ نون جي اقتصادي پاليسي مڪمل طور تي ناڪام ٿي ڇڪي آهي  پاڪستان رپئي جو قدر گھٽجي رهيو آهي جڏهن ته ناڻي  مٽا سٽا جا ذخيره به ختم ٿي رهيا آهن هن وقت اسانکي افغانستان ۽ ايران کي سستي ڪڻڪ ۽ کنڊ فراهم ڪرڻ گھرجي ۽ زراعت کي هٿي ڏئي ملڪي زرعي مصنوعات جي برآمدات کي وڌائڻ  گھرجي. چين سان سي پيڪ تي ڪم ٿي رهيو آهي، اسانکي گھرجي ته چين کي اسان زرعي جنسون موڪليون. آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان هڪ زرعي ملڪ آهي ۽ ان جو سمورو دارمدار آبپاشي تي آهي ، اسان جي دور ۾ پاڻي جي ايتري کوٽ نه هئي سياري ۾ پاڻي  گڏ نه ڪري اسان تمام گھڻو ظلم ڪري رهيا آهيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *