نوازشريف طبي معائني لاءِ لنڊن ويو، ايجنڊا ۾ ڪائي ٻي شئي شامل نه آهي نه ئي ڪنهن سان ملاقات رٿيل آهي: رانا ثناءُالله

لاهور (اين اين آءِ) صوبائي وزير قانون رانا ثناءُالله خان چيو آهي ته وزيراعظم محمد نوازشريف طبي معائني لاءِ لنڊن ويل آهي ان جي ايجندا ۾ ڪائي ٻي شئي شامل نه آهي ۽ نه ئي ڪنهن سان ملاقات رٿيل آهي مال روڊ چوڪ ۽ ڊي چوڪ تي ڌرڻو سياست ۽ وزيراعظم جي گهر جو گهيرو الڳ شئي آهي جنهن ڏينهن عمران خان رائونڊ ڌرڻي لاءِ نڪرندو ان ڏينهن سياست جو جنازو نڪري ويندو آرمي چيف جو بيان واضح آهي ڀارتي ڳجهي ايجنسي را پاڪستان کي تباهي طرف ڌڪڻ چاهي ٿي اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن پنجاب اسيمبلي ۾ ميڊيا ان ڳالاهيئندي ڪيو رانا ثناءَالله چيو ته پانامه ليڪس سان فرانزڪ ڪميشن ٺهي يا ڪوئي ٻيو ٺهي ڪجهه نه ٿيندو عمران خان اسان تنهنجي ڌرڻي جا منتظر آهيون پنهنجي زبان تي قائم رهو ۽ 24 اپريل تي رائونڊ جو گهيرو ڪيو عمران خان جي پارٽي جو واڄو وڄي چڪو آهي ۽ ان جي سياست رائونڊ جي فصلن ۾ دفن ٿيندي ڇو ته هو پنجاب جي روايتن کان واقف نه آهي مال روڊ چوڪ ۽ ڊي چوڪ ۾ ڌرڻا سياست ۽ وزيراعظم جي گهر جو گهيرو الڳ شئي آهي سندس چوڻ هو ته عمران خان ڳالهائڻ دوران بهادر بڻجي ڳالهائي ٿو پر هو تڪليف ۽ ڏک ۾ ورتل آهي جنهن ڏينهن عمران خان رائونڊ ڌرڻي لاءِ نڪرندو ته سندس سياست جو جنازو نڪري ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *