نوازشريف جي واپسي: حڪومت جو شهبازشريف خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد: (م.ڊ) وفاقي حڪومت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي معاملي تي سندس ڀاءُ اپوزيشن اڳواڻ شهبازشريف جي خلاف عدالت وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. وفاقي ڪابينه جي اجلاس کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته نوازشريف جي صحت جو ڊرامو ڪيو ويو جيڪو صحيح ناهي. هاڻ ڪابينه ان معاملي تي شهباز شريف جي خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. هن چيو ته نوازشريف 17 مهينن دوران ڪوبه علاج ناهي ڪرايو هن جيڪي رپورٽون اماڻيون آهن انهن کي پنجاب حڪومت رد ڪري ڇڏيو آهي. نوازشريف جو علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ هڪ فراڊ هو ۽ ان فراڊ ۾ شهباز شريف ساڻس ڀائيوار آهي. فواد چوڌري چيو ته نوازشريف جي گهر ڀاتين سان پاڪستاني هاءِ ڪميشن رابطو ڪيو پر هنن رپورٽون ناهن ڏنيون. پاڪستان ايمبيسي ٻيهر رابطو ڪيو پر هنن جواب ناهي ڏنو. هاڻ شهباز شريف پنهنجي بيان موجب نوازشريف کي پاڪستان آڻڻ لاءِ قدم کڻي. فواد چوڌري چيو ته عدالت ۾ اها درخواست ڏينداسين ته شهباز شريف نواز شريف کي واپس آڻي. ٻئي صورت ۾ کيس نااهل قرار ڏنو وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *