نوازشريف جي ريلي کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ نون ليگ حڪومت جي ذميواري آهي : احسن اقبال

اسلام آباد  (اين اين آءِ) وفاقي گھرو وزير احسن اقبال چيو ته نوازشريف جي ريلي  کي سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، وزيراعظم ڪنهن جي خلاف احتجاج يا وڳوڙن جي لاءِ ڪنٽينر تي نه چڙهيو آهي، نجي ٽِي وي سان ڳالهائيندي گھرو وزير چيو ته محمد نوازشريف ٽي دفعا وزيراعظم ٿيو ۽ هو پارٽي ۽ ملڪ جو اثاثو آهي کيس سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، هن چيو ته حڪومت پي ٽي آئي ۽ عوامي تحريڪ کي ڊي چوڪ جي ڌرڻن کي به سيڪيورٽي ڏني هئي. هن چيو ته نوازشريف ڪنهن جي خلاف مارچ ريلي نه ڪڍي رهيو اهي پر هو پنهنجي گھر وڃي رهيو آهي ۽ عوام سان محبت جو اظهار ڪري رهيو آهٿي، هن چيو ته نوازشريف جي ڪنٽينر ٺ۽ مخالفن جي ڪنٽينر ۾ فرق آهي، ڇو ته نوازشريف ڪنهن جي خلاف احتجاج يا اڳوڙن جي لاءِ ڪنٽينر تي نه چڙهيو آهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *