نوازشريف آمريڪا ۾ ڀٽي وانگر پاڪستان جو ڪيس وڙهي: خورشيد شاهه

سکر (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پاڪستان بکيو ۽ سڃو نه آهي پنهنجا وسيلا استعمال ڪريون ته ڀارت جهڙا ڪيترائي ملڪ هلائي سگهجن ٿا مخالف اڳواڻ سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوازشريف آمريڪا ۾ ملڪي سلامتي ۽ خودمختياري تي ڳالهائي ڀارت جي خلاف ثبوت آمريڪا کي ڏيڻ جي ضرورت نه آهي خورشيد شاهه چيو ته اسان وٽ ڀارت کان وڌيڪ وسيلا آهن نوازشريف ملڪ جو وزيراعظم آهي ان کي ڪجهه ٿيو ته ڪرڻ وارا به نه رهندا هن چيو ته نوازشريف آمريڪا ۾ ڀٽي وانگر پاڪستان جو ڪيس وڙهي ڀٽو عوام جي ڳالهه ڪئي جنهن سبب هو اڄ به زنده آهي. خورشيد شاهه چيو ته لوڊشيدنگ ختم ڪرڻ لاءِ اسان 400 ارب ڏيون ها ته ڪرپشن جا الزام لڳن ها حڪمران رستا ضرور تيار ڪرائين پر هر رستو تخت لاهور طرف نه وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *