نوابشاهه ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب 35 ڄڻا بيهوش، اسپتال داخل

نوابشاھ (ڊ.ر) حبيب شگر مل ڪالوني نوابشاھ ۾ گهوٽ ارسلان جي مڱڻي جي تقريب ٿي جنهن ۾ ڄاڃين پاران کاڌو کائڻ کانپوءِ صبح 5 وڳي انهن کي دست ۽ اُلٽيون ٿي پيا، جنهن جي نتيجي ۾ 37 ماڻهو بيهوش ٿي پيا، جنهن ۾ 30 مرد ۽ عورتون ۽ 7 ٻارڙا شامل آهن، جنهن ۾ 8 ورهين جي مريم، 10 ورهين جي آمنه، 7 ورهين جي فاطمه، 6 ورهين جي زينب، 5 ورهين جي نورا، 12 ورهين جو حسام، 9 ورهين جي ماريه، 70 ورهين جو حاجي علي محمد، صبور، فهيم، مسز عبدالغفور، وقار علي، فهميده، محمد عمران، خرم، محمد احسان، پرويز اختر، محمد زاهد، نجمه، محمد اظهر، شڪيل الرحمان، ثمينه، انيلا، عاطف، زاهد خان، نديم علي محمد، خرم، عنبرين زال نديم، محمد اسلم، جاويد اختر، مسز سليم، عابده بيگم، مينا، مسز افضل، حاذق، عاقب، نغمه ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته زينب زال بشير احمد شيخ، عذرا زال خرم شيخ چيو ته اسان گهوٽ ارسلان سان ڄڃ ۾ شامل هئا سين ۽ رات شگر مل ڪالوني ۾ مڱڻي جي تقريب هئي جنهن ۾ برياني، قورمو، رٻڙي کاڌي وئي هئي جنهن کي کائڻ کانپوءِ سب ڪو گهر موٽي آئيو ۽ صبح 5 وڳي گهوٽيتن ۽ ڄاڃين جي پيٽ ۾ ڳڙٻڙ شروع ٿي وئي جنهن ۾ دست ۽ اُلٽيون ٿي ويو ۽ اسان بيهوش ٿي وياسين. جڏهن ته ڊاڪٽر طارق محمود ٻڌائيو ته هي فوڊ ٽوائيزنگ جو ڪيس آهي ۽ اهو کاڌي کائڻ سبب ٿيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *